ڪوٽڙي مان کنڀي گم ڄاڻايل 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر، جيل حوالي

0
216
ڪوٽڙي مان کنڀي گم ڄاڻايل 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر، جيل حوالي
ڪوٽڙي مان کنڀي گم ڄاڻايل 3 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر، جيل حوالي

حيدرآباد: هٽڙي پوليس ڪوٽڙي مان 18 ڏينھن اڳ مبينا طور کنڀي گم ڪيل ٽن ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

ھٽڙي پوليس نظر عرف راجا چنا، طفيل چنا ۽ جاويد ٻٻر جي گرفتاري مين پڙين جي ڪيس ۾ ظاهر ڪندي کين سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس چيني ڪمپني جي گاڏي مان ملازم عورت کان ڦر واقعي ۾ به ٽنهي گرفتار نوجوانن کي ملوث قرار ڏنو آهي

جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته هٽڙي ٿاڻي جي حد مان ٽنهي کي مين پڙين سميت گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر جي بيان بعد ٽنهي جوابدارن کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي

وارثن الزام هنيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڦليلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار شاھ مبينا طور  چئن نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ھو، پوليس حضور بخش پنھور جي گھرواري کان سندس آزادي لاءِ هڪ لک 80 ھزار رپيا رشوت گھري هئي، جڏهن ته پوليس اڃا تائين حضور بخش جي گرفتاري ظاھر ناهي ڪئي