حيدرآباد: ايڇ ڊي اي پاران ترقياتي اسڪيمن جي مختلف شعبن جي منظوري لاءِ وڌايل فيون روڪيون ويون

0
230
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ايڇ ڊي اي پاران ترقياتي اسڪيمن جي مختلف شعبن جي منظوري لاءِ وڌايل فيس کي روڪيندي عدالت ايڇ ڊي اي کي پراڻي اسٽريڪچر تحت فيس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڇ ڊي اي پاران فيس نومبر 2019ع ۾ وڌايون وڌايو ويون هيون، فيس ۾ واڌ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، عدالت وڌايل فيون روڪي ڇڏيون ۽ پراڻي فيس وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پٽيشن جي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بينچ ڪئي، ايڇ ڊي اي اسڪيمن جي لي آئوٽ پلان، ايڪسٽرنل ڊولپمينٽ ۽ ٻين ايٽمز جي مد ۾ فيس وڌايون هيون، ايڪسٽرنل ڊولپمينٽ في 250 رپين مان وڌائي 1450 في يارڊ ڪئي وئي هئي، ڪيس جي ٻڌڻي 27 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.