سٺ ميل (ن پ ا) رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سٺ ميل شھر ۾ مهانگائي وڌي وئي، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. عام واهپي جي استعمال ۾ ايندڙ شين جن ۾ پٽاٽي جي في ڪلو 50 رپيا، چڻن جي دال 250 رپيا، مڱن جي دال 200 رپيا گيهه 250 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. نارنگيون 100 رپيا، صوف 200 رپيا، ڪيلا 80 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳا. جڏهن ته گوشت 550 رپيا، مڇي 400 رپيا ۽ مرغي 450 رپيا في ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. شهرين هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ تعلقي دوڙ جي اي سي کي اپيل ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل لسٽ واري اگهن تي عمل ڪرائي هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري کين سزا ڏني وڃي.