حيدرآباد: خوراڪ کاتي پاران اٽي چڪين کي صحت لاءِ هاڃيڪار ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جو انڪشاف

0
226

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران اٽي چڪين کي انتهائي خراب ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حالي روڊ تي قائم گدام مان ملندڙ ڪڻڪ جي ٻورين ۾ مٽي، پٿر ۽ ٻيو ڪچرو پيل آهي جيڪو صاف نظر اچي رهيو آهي

سنڌ جي خوراڪ کاتي پاران پٺاڻ ڪالوني ۾ قائم گجراتي اٽي چڪي مالڪ کي 48 ڪٽا ڪڻڪ فراهم ڪيا ويا جن ۾ 13 ڪٽن ۾ رڳو مٽي، ڪچرو ۽ سرو لڳل ڪڻڪ پيل آهي

اٽي چڪي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته گدام جا انچارج خوراڪ کاتي جي عملي سان ملي اڌو اڌ خراب ڪڻڪ فراهم ڪري رهيا آهن، ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ۽ ڊي سي معاملي جو نوٽيس وٺن

ھي به پڙھندا

وفاق جون نظرون سنڌ جي ڪڻڪ تي آھن: اسماعيل راھو