سنڌ ۽ بلوچستان نيپرا جي ٽربيونلز ۾ پنهنجا اهل ميمبر نامزد ڪرڻ ۾ ناڪام قرار

0
296
نيپرا ڪراچي واسين لاءِ

ڪراچي: سنڌ ۽ بلوچستان نيپرا جي ٽربيونلز ۾ پنهنجا اهل ميمبر نامزد ڪرڻ ۾ ناڪام قرار، نيپرا ٽربيونلز ۾ ميمبر مقرري جا اختيار صوبن کان کسي وفاق کي ڏيڻ جون تياريون، صدر طرفان 25 آگسٽ تي بجلي جي پيدوار ۽ ورڇ بابت ايڪٽ ۾ ترميم جو جاري ڪيل آرڊيننس اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي

ڪميٽي کي بريفنگ ۾ بجلي وزارت جي سيڪريٽري چيو آهي ته نيپرا جي ٽربيونلز ۾ صوبا 3-3 سالن لاءِ پنهنجا ميمبرز نامزد ڪندا آهن، اُهي اختيار صوبن کان وٺي وفاق کي ڏنا پيا وڃن، آرڊيننس ذريعي ٽربيونلز ۾ بجلي ۽ فنانس ميمبرز جي مقرري بابت ترميم ڪئي وئي آهي، ٽربيونلز ۾ فنانس ميمبر مقرري جو وارو سنڌ جو آهي، پر سنڌ حڪومت جو نامزد ميمبر گهُرجن تي پورو نٿو لهي، پ پ، نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ آرڊيننس جي مخالفت ڪندي چيو ته ترميم سان صوبن جا اختيار ختم ٿي ويندا، ٽربيونلز ۾ ميمبرز جي مقرري لاءِ وقت مقرر ڪيو وڃي…..