شڪارپور پوليس مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي ماري ڇڏيو

0
298

شڪارپور(ن پ ا) شڪارپور پوليس مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي ماري ڇڏيو آهي، پوليس جي دعويٰ آهي ته اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد شر لاڙي وٽ ڏوهارين سان جو پوليس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڏوھاري بشير آباد واسي يونس عرف صدورو مارجي ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي کان اڳ ٽي ڏوھاري ڦر ڪرڻ لاءِ بيٺا ھئا جن سان مقابلو ٿي پيو ۽ ٻه ڏوھاري فرار ٿي ويا، جڏهن ته مارجي ويل ڏوھاري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

نوجوان جي وارثن کان ڀنگ طلب

پوليس هٿان مارجي ويل يونس عرف صدورو جي ڀاءُ مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيئي ڇڏيو،سندس چوڻ آهي ته ڀاءُ نيڪ نمازي ھو، پوليس کيس 4 ڏينھن اڳ اوطاق مان گرفتاري ڪري اڄ مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

پير ڳوٺ ڀرسان پوليس مقابلو ڄاڻائي نئون ديرو واسي 3 نوجوانن کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو