لاهور جي روڊن تي اٺ پکي ڪاهي پيا، ماڻهن ۾ ڪيهاٽ، وڊيو وائرل ٿي وئي

0
284

لاهور(انٽرسٽنگ نيوز) لاهور جي روڊن تي اٺ پکي جي ڀڄڻ جي وڊيو وائرل ٿي ويئ آهي. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل موجب لاهور جي ڪينال روڊ تي ٻه اٺ پکي ٽريفڪ سان گڏ ڀڄندا رهيا، جنهن جي اتان گذرندڙ شهريل وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، جنهن تي مختلف ماڻهن پاران مختلف تبصرا پڻ ڪيا پيا وڃن.

فوٽيجز ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٽريفڪ هلندڙ آحي ان دوران شهرين اٺ پکين جي ڀڄڻ جو واقعو پيش آيو، بعد ۾ خبرون سامهون آيون ته ڪنال روڊ تي ڀڄندڙ هڪ اٺ پکي مري ويو آهي. هڪ شخص اٺ پکي کي ڳچيءَ مان جھلي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران گھڻي دٻ اچڻ جي ڪري اٺ پکي مري ويو. ذريعن موجب انتظاميا پاران ٻئي اٺ پکي جي ڳولا جاري آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به لاهور جي روڊن تي اٺ پکين جي ڀڄڻ جون وڊيوز وائرل ٿي چڪيون آهن.