ترقي جي نالي ۾ ويساهه گهاتي

0
233
ترقي جي نالي ۾ ويساهه گهاتي

 دنيا ۾ ترقي لاءِ ھر ملڪ جا پنھجا قانون آھن ، ڪي اھڙا ملڪ آھن جيڪي چون ٿا ته  پيسو ڪٿان به آڻيو اسان توھان کان اھو به نھ پڇنداسين ته  آندو ڪٿان آھي ۽ ڇو کڻي آيا آھيو؟ صرف پيسو آڻيو اھو پيسو پھرين پنھجي قوم جي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ٿيڻو آھي پوءِ ئي سرمائيدار کي سندس آندل پيسي مان منافعو ملڻو آھي . پوري دنيا جا ماڻھو مختلف ھنڌن تان سمورو اڇو ڪارو ناڻو ملائي سلائي اھڙن ملڪن ۾ کڻي وڃي عيش جي زندگي گھارين ٿا جنھن لاءِ  اتان جي رھندڙ عوام کي به ان سرڪار جي اھڙي عمل تي ڪو اعتراض ناھي ڇاڪاڻ ته  اتان جي اصل رھاڪن جي زندگيءَ تي ان جو ڪو به ناڪاري اثر ناھي.

اتان جا ماڻھو سمجھن ٿا ته  ڌاري آبادڪاري ۽ پيسو اچڻ سان اھي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ڪونه ٿيندا، کين بي گھر ڪونه ڪيو ويندو نه ئي سندن گھرن کي ڊاھي مسمار ڪري ڪنهن ملڪ رياض جھڙين شخصيتن جي نمائندگي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته  ھو سمجھن ٿا ته  سندن ملڪ جي واڳ اصل ڌرتي ڌڻين وٽ آھي جيڪي سندن قوم کي اقليت ۾ تبديل نه ڏيندا ۽ سندن ووٽ ۽  اقتدار تي سندن ئي ماڻھن جو غلبو ھوندو جيڪي ان ملڪ جا اصل رھاڪو به آھن .

ھي ته  ھو ھڪ اھڙن ملڪن جو مثال جتي اھي سڀ قانون رائج ھوندي به اتان جي عوام ڪڏھن روڊن تي ناھي آئي پر اسان جھڙن غريب ملڪن ۾ جتي قومن کي سندن ئي ملڪن ۾ مڪمل تحفظ حاصل ناھي اتي سي پيڪ جي نالي ۾ ٿيندڙ ترقي اسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي.؟ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته  چين کي بلوچستان ۾ سي پيڪ کي محفوظ مستقبل نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ ته  اتان جي بلوچ مزاحمتي تحريڪون انهن جي ھٿ وس ۾ ناھن نه ئي انهن کي اھڙي قسم جي ڪا ڳڻتي ھجي جو سندن واپار خساري ۾ پئجي وڃي يا ڪو وڏو ڏينهون ڏينهن نقصان ٿيندو رھي.

 اھڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي چين پنهجون سڀ انويسٽمينٽس ڪراچي آڻڻ لاءِ سوچي رھيو آھي. ترقيءَ جي نالي ۾ جڙندڙ اھڙي راھداري خبر ناھي اتان جي اصل رھاڪن کي ڪھڙا تحفظ ڏئي سگھندي، پر اھڙي سيڙپڪاري کان اڳ مقامي حڪومتن جنهن ۾ اقدار تي ويٺل پيپلز پارٽي کي ضرور اھڙو قانون پاس ڪري پوري قوم کي اعتماد ۾ وٺي ڪو  اسيمبلي ۾ سنجيده بحثن سميت عام طور تي اھڙي راءِ جوڙي جنهن سان ھتان جي رھاڪن کي ڪو اعتراض نه ھجي.

بظاھر ته  ترقي جي نالي ۾ سيپيڪ کي تڪڙ ڪري ڀلي آندو وڃي پر ڇا اھڙي سيڙپڪاري صوبي جي ناانصافين جو ازالو ڪندي جي ڪندي ته  ڪيئن ڪندي؟ مقامي آبادي کي ڪھڙو حق حاصل ھوندو؟. ڪراچي جي ايڏي وڏي آبادي جي شھر ۾ جتي اصل ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن ۽ ٻاھريان آيل وڏي اڪثريت ۾ آباد رڳو ٿيا ئي ناھن پر اُھي پنهجا ايم پي اي ۽ ايم اين اي پڻ چونڊرائي اسيمبلين ۾ پھچي چڪا آھن. ملڪ جي ڪا ورلي ئي اھڙي اسيمبلي ھوندي جنهن جا صوبائي ھيڊڪوارٽر ۾ ڌاريا ماڻھو وڏي اڪثريت سان آباد ٿي اسيمبلين ۾ پھتا ھجن . پشاور،ڪوئيٽا ، لاھور ۾ ڪو به سنڌي ڪنهن به اسيمبلي جو ميمبر ناھي جيڪڏھن بلوچستان جي اسيمبلي ۾ ڪو سنڌي ھوندو تڏھن به سو سالن کان ان ڌرتيءَ سان لاڳاپيل ھوندو.

 سي پيڪ جي نالي ۾ ٿيندڙ سنڌ ۾ ترقي جيڪا دنيا جي وڏين طاقتن سان چين جي واپار جو مرڪز رھندي جنهن سان زميني رستي چين واپار ڪندو. ٻيو ته  ٺھيو پر ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي فيڪٽريون آھن جتي ڪيترائي  مزدور ڪم ڪن ٿا پر شروع کان وٺي اتي اھڙو به قانون پاس ناھي جنهن ۾ مقامي آبادي کي انهن فيڪٽرين ۾ تحفظ ھجي.

 روز  اخبارن ۾ اھو پڙھن لاءِ ملي ٿو ته  فيڪٽري مان نيڪالي تي مزدورن جو اجحتجاج ، جيڪڏھن اھڙي صورتحال رھي ته  توھان پنهجن پورٽن سميت صوبي جون سڀ ملڪيتون اوھان واپار جي نالي ۾ رکي ڪھڙي ترقي ڪندا ؟ ڀلي ان ڳالهھ سان ڪير متفق نه ھجي پر حقيقت اھا  آھي ته  اوھان جي ٻولي ڪراچي جي اڪثريتي بازاري ٻولي ناھي رھي ان کي پشتو تيزي سان پوئتي ڌڪي رھي آھي .

پشتو به ھن ملڪ جي ئي ٻولي آھي ڪو به ماڻھو ڪنهن سان به ڪٿي به رھي ملي سگھي ٿو پر ان عمل سان  سندس حقن جو تحفظ ڪير  يقيني  بڻائيندو؟ ترقي ڀلي ھجي پر ان صورت جي نه ھجي جو پنهجي ڌرتيءَ تان تڙجي ڌارين جي لوڌ ۾ ڌرتي ڌڻي لتاڙجي وڃن. کيس لياري ايڪپريس جي ٽول تي ٽيڪس وٺندڙ ملازم کان وٺي عام مارڪيٽن تائين سندس ٻوليءَ کي تحفظ حاصل ھجڻ سميت رسائي گھرجي.

 انهن سڀني ڳالھين کان ھٽي ڪري به ڪنهن لمحي لاءِ اھو سوچي سگھجي ٿو ته  اھو منصوبو جيڪڏھن صحيح معنيٰ ۾ سنڌ مان آپريٽ ٿئي ته  شال ڪو به ھن صوبي جو رھواسي ته  بيروزگار  ڪونه رھندو پر ٻين صوبن جي ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا آڻڻ سميت ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جو ھڪ وڏو ذريعو بڻبو، نه ته  اھڙين صورتحال لاءِ تيار ھجڻ گھرجي جو ايڏي وڏي شھر ۾ ڌرتي ڌڻين جو آواز ترقيءَ جي گوڙ ۾ اھڙو ته  دٻجي ويندو جو سندس پڙاڏو شايد ڪڏھن به اقتدار جي ايوانن تائين نه پھچي سگھي يا ترقيءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ ويساھه گھاتين ۾ پنهجو وجود ميسارجڻ کان نه روڪي سگھي.