جِيءُ جنهن سان خوش!

0
208

انسان جي کوپڙي به ڪمال آھي. هن جو وزن ڏسڻ ۾ محسوس ناهي ٿيندو! پر شعُور ۽ فڪر جي روحُ جي گهَرائي ۾ وڃي لهبو تڏھن محسوسات جون سڀئي موسمون بدلجي وڃن ٿيون! انفرادي طور ماڻھو سوچ فڪر ۽ ولوڙ جا سڀئي تاڪ شودَ سمجهي ٿو. تڏھن ماڻھو جي کوپڙي آڪاس وانگر لامحدود محسوس ٿيندي آھي، ۽ ان وقت اهڙي کوپڙي کان خوف به ٿيندو آھي.
ماڻھو پٿرن جي دور کان گهڻو اڳ جڏھن “ماڻھو پاڻ کي انسان نه سمجهي سگهيو هو” تڏھن کان ماڻھو جيءُ جي خوشي خاطر تمام ڏُکيا ۽ دلڪش ڪم ڪيا هئا. اُھي ماڻھو شڪار ڪندا هئا. انهن ماڻھن جي زندگي جو گذر ئي شڪار هو. رشتن جو وجود اڃان نه پيو هو، خاندان جي سڃاڻپ اڃان نه ڪري سگهيا هئا. سماج جو ڍانچو اڃان پنهنجي خواب جي تعبير ماڻي نه سگهيو هو. نه گهر هو.نه ئي گهاٽ جي واٽ تي گامزن هئا. انهن جو رشتو کاڌي سان هو! ان وقت کان ماڻھو انفرادي طور تي پاڻ کي پنهنجي ذات کي رنج نه ڪري سگهڻ جي ابتدا ڪئي هئي. اُھي دنيا جي هر حسين شيءَ پنهنجي جيءُ جهان کي خوش رکڻ لاءِ حاصل ڪرڻ ۾ دير هرگز نه ڪندا هئا. چارلس ڊارون جن ماڻھو هو. جنهن الائي ڪيئن انسان جي کوپڙي جي کوجنا ۾ پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو تحقيق ڪري دنيا جي ماڻھن کي ڏيکاريو ته“انسان ، انسان ٿيڻ ۾ ڪيترو ڊگھو طويل سفر طئي ڪري انسان بڻيو آھي” انسان جي ارتقا جو اهڙو سفر اڄ به جاري ۽ ساري آھي. جلالپوري جي ڳالھه تي چارلس زنده هجي ها ته ضرور غور ڪري ها! جلالپوري چيو ته “انسان اڃان انسانيت تائين پهتو ئي ناهي”.
ماڻھو سٺا عمل گهٽ ڪري ٿو. بُرا عيبدار بدزيب عمل ڳچ جهڙا ڪري ٿو. بُرا عمل انسان جي تاريخ ۾ سرفهرست رهيا آھن! ڇاڪاڻ جو سٺا عمل ان جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورا آھن. ماڻھو ذاتي طور تي جڏھن جڏھن ڪو عمل سرانجام ڏيندو آھي، تڏھن خراب عمل ڪرڻ وڃي ٿو، يا ڪري چڪو هوندو آھي، تڏھن هُو انفرادي طور جِيءُ کان پڇندو ناهي! ڇاڪاڻ جو اندر جو انسان ڪڏھن به غلط عمل جي اجازت ڏيندو ئي ناهي! اهو ئي انسانيت جي اندر جو وڏو سرچشمو آھي. بُرو يا خراب عمل ڪري ماڻھو پنهنجي جِيءُ جي چوگرد اهو چئي خاطري پيو ڏيندو ته جيءُ خوش ته جهان خوش!  هٽلر دنيا جو عظيم گنهگار تصور ڪيو وڃي ٿو. نٽشي جون ڳالهيون تکيون آھن.تنهن ڪري نٽشي گهٽ ماڻھن کي وڻندو آھي! برونو جا قاتل علمي ماڻھو جي اندر کي چيري ٿا وجهن. گليلو کي سزائون ڏيندڙ ماڻھو خراب ليکيا وڃن ٿا. اٿينس  ۾ سقراط کي هيملاڪ پيارڻ وارا ماڻھو به بُرا چيا وڃن ٿا! اهڙي ڊگھي لسٽ آھي. انسان انفرادي طور تي ڀلي بُرو هجي پر هُو ڏسڻ ۾ چٽو نه ايندو آھي! خراب ماڻھن جي خرابي تڏھن ليکي وڃي ٿي، جڏھن ان خراب عمل ڪرڻ واري جي سامهون ماڻھو ڀلو هجي. بُرا ۽ سٺا ٻئي انسان جِيءُ کي خوش رکڻ لاءِ ڪندا هوندا. ڪارل مارڪس دنيا جو عظيم دماغ چيو وڃي ٿو. هُو کاھوڙي ماڻھو هو. هن جي مستقل مزاجي دنيا لاءِ مثال آھي. مارڪس جي ذاتي زندگي به ڪمال هئي، سندس زال جيني به سياڻي عورت هئي. مارڪس آخري ڏينهَن ۾ مالي طور صفا پوئتي ٿي چڪو هو.هُو پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو. هن جي گهران ڪافي خط هن کي مليا هئا جنهن ۾ اهو صاف ظاهر لکيل هوندو هو ته “تنهنجو ننڍڙو تمام گهڻو بيمار آھي، علاج لاءِ پئسا ناهن، هي هاڻي مري سگهي ٿو”! مارڪس پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو. هي دنيا جا ڪجهه اهڙا ڪمال جا فيصلا آھن. جنهن ۾ جِيءُ جهان جي جيت نروار ٿيل آھي..! اينگلس کان ڪنهن پڇيو ته مارڪس ڪهڙي قسم جو ماڻھو آھي، هُو پنهنجي اولاد کي ڇڏي، اڪيلو اڪيلو  رڳو ڪتاب لکڻ ۾ پورو آھي؟ اينگلس ڪنڌ موڙي هن ماڻھو کي جواب ڏنو ته “اندر جو انسان هن سان هر وقت گڏ آھي! هن لاءِ اولاد وڌيڪ آھي، پر هُو جيڪي فيصلا ڪري ويٺو آھي سو تمام اهميت وارا آھن.”
جيمس ايڊسن اُھو سائنسدان هو، جنهن اسان کي روشني سان روشناس ڪرايو. هُن گهڻو وقت بلب ۾ روشني پيدا ڪرڻ ۾ گذاريو هو. هُو مسلسل انهي ئي جستجو ۾ رهيو. هڪ ڏينهن جيمس جي شاگرد بيزار ٿيندي چيس ته “استاد بلب تي پاڻ گذريل الاهي وقت کان تجربا ڪري رهيا آهيون، پر پاڻ ڪامياب نه پيا ٿي سگهون ڇو نه ٻئي ڪنهن ڪم ۾ لڳون جيئن وقت ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي؟ جيمس  مسڪرائيندي کيس وراڻيو ته پاڻ نوَ هزار نوَ سئو نوانوي تجربا ڪيا اها پنهنجي ڪاميابي آھي! ڇاڪاڻ جو انهن سان بلب نه ٿو ٻري سگهي!” جيمس انهي بعد ترت ڏھين هزار واري تجربي ۾ بلب ۾ روشني پيدا ڪئي. اهو فيصلو ضرور جيءُ جو فيصلو هو. اسان چئي سگهون ٿا. اڄ  اسان وٽ جيڪا روشني آھي سو جيمس صاحب جي اهڙي ئي عظيم ڪارنامي سبب آھي. نٽشي به جِيءُ جي فيصلي کي اهميت ڏيندو هو. سگمنڊ فرائيڊ به ڪمال ماڻھو هو. جنهن جو هڪ به فيصلو جيِءُ جي اجازت کان بغير ناهي لڳندو! هُن انسان جي کوپڙي کي کولڻ جو ڪم ڪيو. هُن انسان جي کوپڙي ۾ پيل عضوا ۽ انهن جي ڪم بابت زبردست آگاهي ڏني. فرائيڊ اھو ماڻھو هو جنهن سواءِ جِيءُ جي جهان کانسواءِ ٻيو ڪم ڪيو ئي نه. اهڙا دنيا ۾ کوڙ ماڻھو آھن، جن جِيءُ جي فيصلي کي اهميت ڏني خوشي ۽ غمي کي اهميت نه ڏني. لطيف سترهين صدي جو اھو ڪمال ماڻھو هن هڪ ڪنڊائتي سنڌي سماج ۾ جنم ورتو! اهڙو ماڻھو هن کان اڳ تصور ڪرڻ به سمجهه کان ٻاهر ٿو لڳي. لطيف جِيءُ جي ٻڌي هئي. هُو اڪيلو ماڻھو جنهن پڊن جهنگن جهرن ڏونگرن جا اڙانگا سفر ڪيا هئا. انهن کي پڙھندي ڪڏھن ڪڏھن دماغ ۾ ٺڪا نڪريو وڃن! سچل سامي بيدل به انهي راهه تي هئا. انهن به خوب عزت ڪمائي. هي اُھي ماڻھو آھن جيڪي روحُ کي ريجهائڻ نه پر جيءُ کي خوش رکندا هئا. ڪير ايئن ڪشالا ڪڍي به جيءُ کي خوش رکي. 
ماڻھو جِيءُ کي خوش رکڻ لاءِ ڀولڙي جي ڪنڌ ۾ رسو وجهي هن ڀولڙي کان سڄي شهر جو سير ڪرائيندا آھن! انهي مظلوم ڀولڙي کي ڏسڻ وارو ماڻھو به جيءُ کي خوش رکندو آھي! ماڻھو جيءُ کي خوش رکڻ واري معاملي ۾ عجيب حرڪتون ڪندا آھن. گاڏي ۾ ويندي اوهان کي موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ مقابلو ڏسڻ لاءِ ملندو. ميلن ۾ ستر سالن جو جهور پوڙھو اسڪائوٽنگ ڇوڪرن جي بغلن ۾ ويٺل ڏسڻ ايندو! ميل ملاکڙا ، ماڻھو کي ٻئي ماڻھو سان وڙھائڻ جهڙا ٻيا کوڙ عمل آھن، اهي عمل وري گهڻا ماڻھو پسند ڪن ٿا! هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ ڏُکيو ٿي پوندو آھي، ته ان قسم جا فيصلا جيءُ ڪري ٿو يا جهان؟؟؟ ٻارهين ملڪن ۾ ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا منهن ۽ جسم تي عجيب غريب فيشن ڪرائيندا آھن.انهن کي ڏسندي ايئن محسوس ٿيندو آھي ته اهي انسان رهڻ پسند ناهن ڪندا! ڪجهه ڏينهن اڳ انهن جي اهڙي فيشن بابت هڪ رپورٽ ڏٺي، جرنلسٽ هڪ سئو ماڻھن سان ملي هئي. هُن هر هڪ اهڙي ماڻھو کان اهو سوال ڪيو ته “توهانکي هي سڀ عجيب نه ٿو لڳي، جسم تي جانورن جا عڪس چنبڙيل ڏسي؟انهن سئو ماڻھن مان اٺانوي ماڻھن اهو وراڻيو ته اسان کي هي ٺھرائيندي اندر ۾ سڪون ملي ٿو”.  ماڻھو حيلا وسيلا ڪري ڪجھه نئون ڪرڻ جو متلاشي رهيو آھي. ڪڏھن ڪڏھن اهڙي نئين شيءَ ڪارڻ انسان جِيءُ کي جهوري وجهندو آھي! اهڙو عمل يقينن ايذائيندڙ هوندو آھي. تاريخ ۾ اهڙا جيءُ کي جهورڻ جا کوڙ واقعا موجود آھن. جيءُ کي انفرادي طور خوش رکڻ وارن ماڻھن ۾ گهڻا اُھي آھن جيڪي جيءُ جي ٻڌندا ناهن! جيءُ دماغ جو نالو آھي. جلالپوري زنده هجي ها پنهنجي راءِ تي وڌيڪ غور فڪر ضرور ڪري ها ته “ دنيا جا ڪامياب ماڻھو جن پنهنجي سموري حياتي ٻين انسانن جي ڀلائي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وقف ڪئي. اُھي انسان انسانيت جي منزل تائين ضرور پهتا هوندا ڇاڪاڻ جو انهن جيءُ ۽ جهان کي خوش رکيو”. 
جَيءُ خوش رکڻ آسان آھي! جيءُ ۽ جهانَ ايترو آسان ناهي ۽ ھر ڪنهن جي وس جي ڳالھه به ناهي، جيڪي جيءُ کي خوش نه ٿا رکي سگهن، اُھي جهان کي خوش ڪيئن رکندا!؟