جيڪب آباد پوليس ٻن مبينا ڏوهارين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
153
جيڪب آباد پوليس ٻن

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي هاف فراءِ ڪري پسٽل سوڌو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

صدر پوليس شنبي شاهه لنڪ روڊ وٽ مبينا مقابلي ۾ ڳوٺ قادرپور واسي صدام کوسو ۽ اڪرم الدين کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو

ايس ايس پي ڊاڪٽر سُمير نور چنا موجب 5 جوابدار ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا، پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽي ڏوهاري فرار ٿي ويا