جيڪب آباد: هندو پنچائت صدر جي گرفتاري تي ردعمل

0
155
جيڪب آباد: هندو پنچائت صدر جي گرفتاري تي ردعمل

جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جي صدر جي گرفتاري کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ روهت ڇاٻڙيا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪب آباد هندو پنچائت جو صدر لال چند سيتلاڻي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس نقلي زرعي دوائون وڪڻڻ جي الزام ۾ گرفتاري ڄاڻائي آهي، جنهن تي وڪرم بجاج لکيو ته سک ته آهي؟ اهي بک جا چڪ  فريادي پاران ڪا انتقامي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، ايم ايچ جمالي پوسٽ شيئر ڪئي ته ايس ايس پي خلاف دانهن جو نتيجو، جيڪب آباد ۾ هندو پنچائت جو صدر کنڀجي ويو، جانب ڪٽوهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هندو پنچائت جيڪب آباد جي صدر لالچند سيتلاڻي جي بنا جواز گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيان ٿو ته انڪوائري ڪري اهڙي ڪڌي عمل ۾ ملوث جيڪب آباد جي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري سخت کان سخت سزا ڏئي، هندو پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. محمود علي سومرو ۽ ڊي رميش لال به اهڙي گرفتاري تي افسوس جو اظهار ڪيو. مکي جڳديش، غالب حسين، سعيد احمد علي، بابا شرما ۽ ٻين پڻ اهڙي گرفتاري بابت پوسٽون شيئر ڪيون.