بالادست سرمائيدار ۽ پيڙھيل مزدور طبقو!

                 ملڪ جي معيشيت جي لحاذ کان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جو هڪ اهم ڪردار آھي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 5000 هزار ننڍا وڏا ڪارخانا آھن، جيڪي پنهنجي مختلف پروڊڪٽ تيار ڪن ٿا، جيڪي هر سال مزودورن جي محنت ۽ رت ۽ پگھر مان اربين رپين جي هڪ نئين ڪمپني کڙي ته ڪن ٿا پر هر سال وڌندڙ مهانگائي ۾ مزدور جي بينيفٽس يا پگھارن ۾ اضافو نٿا ڪن، جيئن مزدور سک جو ساھ کڻي سگهن، هتي اڪثر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪمائڻ سانگي هتي جي ڪمپنين ۾ لکين ماڻهو روزگار ڪن ٿا ۽ هتان ناڻو ڪمائي پنهنجن ڳوٺن، علائقن ۽ ملڪ ڏانهن کڻي وڃن ٿا، ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل پٺاڻ، پنجابي، گلگتي، ڪشميري، هزاره، وانا، وزيرستاني، سرائڪين سميت غير ملڪي افغاني، بنگالي، بهاري، برمي ۽ سريلنڪن وڏي تعداد ۾ هتي ڪم ڪن ٿا ۽ اڪثر ڪارخانن ۾ مٿين سطح جي مئنجمينٽ انهن جي آھي، جنهن ڪري فيصلن جو اختيار به انهن وٽ آھي. اڄ ڪلهه سنڌ جي فيڪٽرين مان نيڪاليءَ تي احتجاج پيا ٿين، سڀ کان پهريان مزدورن جا فوٽو کپائيندڙ نام نهاد سياسي اڳواڻن کي خبر هجڻ گهرجي ته اهي احتجاج مزدورن جي بنيادي لاءِ ۽ ڌرتي ڌڻين کي روزگار نه ڏيڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن، انهن احتجاجن جو هرگز اهو مطلب ناهي ته ڪمپنيون پرڏيھ شفٽ ٿين يا ڪارخانا بند ٿين، يا ڪو ملڪي ملڪ جي معيشيت کي ڌڪ رسي جنهن وڌيڪ غربت وڌي هرگز اهڙو مطلب ڪونهي. احتجاجن جو مقصد مزدورن جو پنهنجي جائز حق گهرڻ آھي، جنهن کي پاڪستان ۽ بين الاقوامي قانون ۾ مزدور کي پنهنجا حق گهرڻ جو پورو اختيار آھي ۽ مزدور دشمن توکي اهو سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جي ترقي جو دارو مدار سڄو پورهيتن ۽ مزدورن جي محنت تي ٻڌل آھي ۽ مزدورن جي حقن لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. منهنجي وطن جا محنت ڪش مزدور ساٿيو جيئن ننڍو وڏو سرمائيدار توهان جي رت چوسڻ ۽ توهان کي بنيادي حق هڙپ ڪرڻ لاءِ ٿورائي ۾ هوندي به هڪ ٿي ويا آھن ۽ پنهنجي بالادستي ۽ رٽ کي قائم رکيون ويٺا آھن انهن بالادست سرمائيدارن کان پنهنجا حق کسي وٺڻ لاءِ سڀئي غريب مزدور هڪ ٿي وڃون ۽ منظم طاقتور جدوجهد تي يقين رکي شڪاڳو جي مزدورن جيان ذاتي مفادن کان مٿانهين مزدورن جي معاشي قتل عام خلاف لڳار تار اجتمائي جدوجهد ڪيو مزدور دشمن، هر دستور کي رد ڪيو.

منير احمد مگسي/ڪراچي

يوسي مرادپور ضلعي سجاول جي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪريو!

  تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي يوسي مرادپور جا ڪافي ڳوٺ زندگيءَ جي مڙني سهولتن کان محروم بڻيل آهن، ڳوٺن ۾ تعليم، صحت، بجلي، پڪي رستي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪالي جو ڪو به نظام ناهي. ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه، ڳوٺ محمد صديق اوٺار، ڳوٺ محمد اسحاق ملاح ۽ ڳوٺ محمد ملاح سميت يوسي مرادپور جا سمورا ڳوٺ بنيادي مڙني سهولتن کان محروم آهن. ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه جي اسڪول جي عمارت کي ڪرندي 11 سال کان به وڌيڪ وقت گذري ويو آهي پر اڃا تائين اها ٺهي نه سگهي آهي. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خليفو آگيڏنو شاهه ٻيٽ ٻيلو اسڪولي عمارت 1964ع ۾ ملي هئي، جنهن جي عمارت 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ ڪري مڪمل تباهه ٿي وئي ھئي پر اڃا تائين ڪنهن به اسڪولي عمارت جي سار ناهي لڌي آهي. ان کان سواءِ ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن کي پڪي رستي جي به سهولت ناهي. برسات وقت پڪي رستي جي سهولت نه هجڻ ڪري ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت سمورن ڳوٺن جي رهواسين جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ٿو وڃي. ان کان سواءِ هتي بجلي صرف ٻه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قادري فش فارم وٽ موجود آهي پر اسان جي ڳوٺن کي مهيا نٿي ڪئي وڃي. ان کان سواءِ هتان جيڪا 6-آر سم نالي گذري ٿو ان جي به هر سال صحيح طريقي سان کاٽي نه کڻائڻ جي ڪري سمورا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. جنهن سبب ڳوٺاڻن جا ڪچا گهر تباهه ٿي وڃن ٿا. هتي غريب هاري قرض ۽ وياج کڻي فصل ڪاهين ٿا پر سم نالي جي صحيح طرح کاٽي نه کڃڻ ڪري سندن فصل به برساتي پاڻي ۾ مڪمل سڙي تباهه ٿي وڃن ٿا. جنهن سبب هاري سڄو سال قرضي رهن ٿا. خدارا يوسي مرادپور جي ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

هلو هلو ڪاڪ محل، جت نينهن اڇل!

  سنڌ جي تاريخ ۾ 3 سئو سال اڳ ٻن مظلوم شهر بدر ڪنوارين ڇوڪرين گجرات ۾ هڪ ڪاڪ محل اڏي دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو هو، بلڪل اڄ جديد دور ۾ سول سوسائٽي جي هڪ فرد بنا عهدي، رتبي ۽ اعليٰ ذهانت جي امتحان يا ڊگري کان سواءِ ڪراچي ڪلفٽن جي ڪچري جي ڍير تي هڪ اربن فاريسٽ قائم ڪري دنيا جي بادشاهن ۽ سنڌ جي وزيرن، مشيرن کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو، جتي سڄي شهر جو گند ڪچرو ڦٽو ڪيو ويندو هو، جيڪا زمين گندي پاڻي جي کڏ بڻي پئي هئي، هن نوجوان کي خيال آيو  ته ڇو نه اتي صفائي ڪري وڻڪاري ڪئي وڃي، جتي شهر جا ماڻهو فطري تازگيءَ جو مزو وٺي سگهن. چوندا آهن ته خيال ۽ آدرش هڪ نئين دنيا کي جنم ڏيندا آهن، اهڙي طرح هڪ درويش صفت انسان مسعود لوهار هڪ خيال ۽ جذبو کڻي نڪري پيو، واسطيدار انتظاميا کان اجازت وٺي پنهنجي ڪم کي لڳي ويو، پوءِ اهل شهر ۽ اهل منصب جا وات پٽجي ويا، جھنگل ۾ منگل ڏسي هر صاحب منصب کي ڳالھ وڻي وئي، هر ڪنهن نوجوان جي ڪم جي ساراھ ڪئي، ايتري تائين جو سنڌ حڪومت هن عظيم منصوبي کي پنهنجي سرڪاري فنڊنگ ۽ قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ دير ئي نه ڪئي اڄ هن مقام تي هر طبقي جا ماڻهو گهمڻ لاءِ پيا اچن، جيئن ڪاڪ محل کي پري پري کان بادشاھ ۽ شهزادا ڏسڻ لاءِ اچي ديرو ڄمائيندا هئا، اڄ هي ڪلفتن اربن فاريسٽ جديد دور جو هڪ ڪاڪ محل ٿي پيو آهي، جتي چڱا ڀلا ماڻهو فطري ماحول ۽ تازگي جي سحر ۾ اچي روح افزا ٿي پون ٿا، عظيم ۽ يادگار ڪارناما سرانجام ڏيڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه هوندا آهن، هي هڪ انهن وڏن عهدن تي رهڻ وارن سياستدانن ۽ آفيسرن لاءِ مثال آهي ته عظيم ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ وسيلن کان وڌيڪ خيال ۽ جذبي جي گهرج پوي ٿي، جيڪو اساب جي اهل منصب ۾ گهٽجي ويو آهي جنهن اهڙا مثال قائم ڪري وري جنم ڏئي سگهجي ٿو.

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

افسوس ادارن ۾ بھادر ماڻھن جو ڪو قدر ڪونھي!

  حقيقت اھا آھي ته اسان کي فخر ڪرڻ بدران پوليس جي فرض جي ادائيگي جو نالو ڏيڻ گھرجي ۽ حيرت تڏھن وٺڻ گھرجي جڏھن پوليس پنھنجي فرض کي ادا نه ڪري سگھي، اھو تڏھن ممڪن ھجي ٿو جڏھن چڱائي جي ڪمن ۾ ڪثرت ھجي پر ھتي ته ڪثرت ئي خرابين جي آھي ته پوءِ ورلي ڪير چڱائي جو ڪم ڪندو ته فخر ته ٿيندو، جڏھن ته سُڌريل ملڪن ۾ خرابين تي پريشان ٿيندي ته ضرور نظر ايندا آھن پر چڱاين تي ڌمال ھڻندي نظر نه ايندا آهن ڪنھن به ننڍي وڏي ڪارنامي تي ڪنھن پوليس اھلڪار تي فخر ڪرڻ بدران ان کي ان جي فرض جي ادائيگي ۽ سموري کاتي جي ڪارڪردگي تسليم ڪيو ويندو آھي، اھڙي صورتحال ۾ اھڙو فخر ايس ايڇ او اڪبر چنا عرف چلبل پانڊي جنھن دادو شھر مان ڏوھ ختم ڪرايان  پوليس کي مڪمل بااختيار ۽ خودمختيار ڪيو وڃي سندن مجموعي رڪيل ترقيون تُرت ڪيون وڃن، سندن پگھارن کان وٺي سموريون گھربل سھولتون ڏنيون وڃن ۽ پوليس مان ڪارين رڍن جو نظريو ختم ڪيو وڃي عوام لاءِ محافظ طور ثابت ڪيو وڃي ڏوھه ۽ ڏوھارين لاءِ خوف جي علامت طور بڻايو وڃي ته ھي عوام لاءِ وڏو انعام اعزاز ۽ ترقي ھوندا.

انجنيئر وسيم چنا/ سيوھڻ

منهنجي هٿن جون لڪيرون ڇا ٿيون چون؟

ڪالهه ويٺي ويٺي منهنجي هانڊي وال علي نواز لغاريءَ کي الائي ته ڪهڙو خيال جاڳيو جو مون کي سڏي پنهنجا هٿ ڏيکارڻ لاءِ چيائين، مون به هن جي چوڻ موجب پنهنجا هٿ ان کي ڏسيا، هونئن ته علي نواز ڪو فقير يا نجومي ته نه آهي پر بهرحال عمر جي لحاظ کان ڪجھه تجربو اٿس. علي نواز منهنجا هٿ ڏسندي ئي چوڻ لڳو ته ڇوڪرا تون ته وڏن ڀاڳن وارو آهي، تنهنجي هٿن جون لڪيرون ٻڌائين ٿيون ته تون وڏي نصيب وارو شخص آهين. الائي هو هر وقت مون کي پريشان ڏسي منهنجي دل رکڻ لاءِ ايئن چئي رهيو هو الائي ڇا، بهرحال مون به ان جي ها سان ها ملائيندو رهيس. هو ڪافي دير تائين منهنجا هٿ ڏسندو رهيو، آخر ۾ هن ڳالهين کي بريڪ ڏيندي چيو ته تنهنجي هٿن جي لڪيرن ۾ لکيل آهي ته تون اڳتي هلي ٻه ٻيون شاديون به ڪندي، اهو ٻڌي مون کا زوردار ٽهڪ نڪري ويو، منهنجي هانڊي وال علي نواز لغاريءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي 10 سال پهرين جو اهو فقير ياد اچي ويو جيڪو لاهوت کان ٿيندو اچي اسان وٽ ڄامشوري ۾ ترسندو هو، هو جڏهن به ايندو هو ته اچڻ شرط اوڙي پاڙي جي ماڻهن جا هٿ ضرور ڏسندو هو. منهنجي جيل اچڻ کان ڪجھه سال اڳ ان فقير مون سميت ٽن ٻين دوستن جا هٿ به ڏٺا هئا، جيڪي دوست هن فقير کي بيحد عزيز هئا، هن فقير جڏهن هٿ ڏٺا ته ڏسندي ئي ويٺل کٽ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته تنهنجي ٻين دوستن جا هٿ ته بلڪل صاف آهن ۽ انهن جي زندگين ۾ اهڙو ڪو به نقصان واري ڪا ڳالهه نه آهي ۽ نه وري تنهنجي دوستن کي پنهنجي زندگي ۾ ڪا مونجھه اٿن، هنن جي هٿن جون لڪيرون بلڪل واضح آهن پر تنهنجي هٿن جون لڪيرون اهو ٿيون ٻڌائين ته تون وڌيڪ پڙهي نه سگھندين ۽ نه وري زندگيءَ ۾ ڪو سڪون ملي سگھندئي، ان کانس واءِ تنهنجي پنهنجن سميت ٻن ٽن ٻين قومن سان دشمني ٿيندي ۽ تون انهيءَ دشمنيءَ جي تحت ڪنهن وڏي چڪر ۾ ڦاسي به ويندين.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

تعليمي نظام کي تباهه ٿيڻ کان بچايو!

                 ملڪ ۾ امتحاني بورڊز جي ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحاني نتيجن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين جي طرفان حاصل ڪيل پاس نمبرن سنجيده فڪر رکڻ وارن شهرين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيوم اهي ڪهڙا نتيجا هئا جن ۾ ڪيترن ئي اميدوارن 1100 مان 1100 ئي مارڪس حاصل ڪيا جو ماهر تعليم ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته واهه واهه شاگردن مارڪون کنيون ته ڦل جون ڦل. اهڙن امتحاني نتيجن تي خوش ٿيڻ بجاءِ غورو فڪر جي ضرورت آهي، اهو ٺيڪ آهي ڪورونا جي ڪري اسان جو امتحاني نظام گهڻي قدر متاثر ٿيو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته رعايت ڏيڻ جي آڙ ۾ مارڪن جي لٽي وٺو سيل لڳائي وڃي. بظاهر اسان پاڻ کي هڪ بحران مان ڪڍيو آهي پر ايندڙ سالن ۾ تعليمي نظام ۽ غريب، محنتي شاگردن جي مستقبل جي لاءِ هڪ اهڙو تعليمي خال پيدا ڪيو آهي جو گهڻي وقت تائين اسان جي غلط فيصلن تي اثرانداز ٿيندو رهندو. رعايت ڏيڻ جو مطلب اهو بلڪل نه هجڻ کپي ته سڀني شاگردن کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏجي ۽ انهن کي سڀ جون سڀ مارڪون به ڏنيون وڃن، جي اسان اهڙي غلطي ڇو ڪري رهيا آهيون جنهن جو ايندڙ سالن ۾ معاشري ۾ قحط الرجال تعليم جي تفريق ۽ محنتي شاگردن ۾ احساس ڪمتري جو باعث بڻجي. ايندڙ سال محنت سان امتحان پاس ڪرڻ وارن جي جڏهن ميرٽ پرکي ويندي ته ان جي حق تلفي جو خدشو هوندو، رعايت ڏيڻ جي آڙ ۾ تعليم جي نظام جو ٻيڙو ئي غرق ڪرڻ کان پرهيز ڪئي وڃي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

سنڌ جي تعليمي تباھيءَ جا ڪجھ اهم ڪارڻ!

  اڄ انتھائي حيرانگي ٿي جڏهن ميرپورخاص بورڊ جي رزلٽ آئي ۽ وڏي تعداد ۾ شاگرد سٺن بلڪه اي کان اي ون گريڊن ۾ پاس ٿيا، حقيقي فگر جي ته خبر ناھي پر سوشل ميڊيا تي وڏي تعداد ۾ مبارڪن جو سلسلو انتھا جي حد تي رھيو ۽ ڪجھ ڏينهن پھريان جڏهن I.B.A جي ماسترن جي ٽيسٽ ٿي ته ان ۾ پاس ٿيڻ جي شرح ھتي لکڻ جي ڪا به ضرورت محسوس نٿي ٿئي، لڳي ايئن ٿو ته اسڪول انتظاميا پنهنجي رينڪنگ وڌائڻ لاءِ بورڊ سان ڪو ڪمپرومائيز ڪيو ھجي، جڏهن امتحان ٿيندا آهن ته ڪاپي ڪرائڻ ۾ مددگار شاگردن جا مائٽ ۽ اسڪول انتظاميا ھڪ ٻئي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ڪاپي ڪرائڻ واري ڪم ۾ گڏ حصو وٺندا آهن، سواءِ ڪجھ استادن جي جيڪي به ان عمل ۾ خاموش ھوندا آهن، ڊيوٽي لڳرائڻ کان پاسو ڪندا آهن، مڪمل تعليمي نظام جي خرابي ۾ ملوث آهن. رسول بخش پليجو صاحب انهن امتحانن کي امتحان نه پر سالانا ڪاپي ڪرائڻ جو مقابلو ڪوٺيندو ھو. آئون سڄي تعليمي انتظاميا کي گذارش ڪندس ۽ مائٽن کي به عرض ڪندس ته شاگردن ۽ اولاد کي ڊاڪٽر انجنئير يا آفيسر بڻجڻ کان ھڪ سٺو انسان بڻجڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏيو ۽ ڪاپي ۽ اسڪول رينڪنگ وڌائڻ جي چڪر ۾ اسان سٺا انسان پيدا نٿا ڪري سگھون، منهنجي نظر ۾ آفيسر ٿيڻ ڪاميابي ناهي پر اھو انسان ڪامياب آهي جنهن جو ضمير ان کي ڪنهن به قسم جي غلط عمل ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.

محمد صالح شر/ ھنڱورنو

بدين ضلعي کي هارڊ پاليسي ۾ شامل نه ڪيو ويو!

  بدين کي تعليمي هارڊ پاليسي ۾ شامل نه ڪرڻ بدين جي نوجوانن جي حقن جي لتاڙ آهي، بدين کي ڏسجي ته گذريل 10 سالن کان قدرتي آفتن جي ور چڙهيل رهيو آهي، هڪ سال پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار ته ٻئي سال برساتن جي گھڻي تعداد ۾ پوڻ جي ڪري ٻوڏ جي زد ۾ رهيو آهي، بدين جي هزارين ايڪڙ زمين موسمي تبديلي سبب سمنڊ جو کاڄ ٿي وئي آهي، هتان جو نوجوان بک ۽ بيروزگاري سبب پريشان آهي، بدين تڪ جا حڪمران ڌر سياسي ليڊر وڏن عهدن تي آهن، جيئن اسماعيل راهو صاحب وزير زراعت، سردار رسول بخش چانڊيو صلاحاڪار، پير نورالله صلاحاڪار، تاج محمد ملاح ايم پي اي آهن، انهن هوندي به بدين لاوارث بڻيل آهي. تازو تعليم کاتي ۾ ماسترن جي ڀرتي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان آءِ بي اي سکر کي ٺيڪو ڏنو ويو هو جنهن جي پيپرن ۾ غلطين جي ڪري سنڌ جا هزارين نوجوان  پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ورتل ٽيسٽ ۾ 50 کان مٿي مارڪون به حاصل نه ڪري سگھيا آهن جنهن جي ڪري حڪومت سنڌ پنهنجي وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ۽ وڌيڪ ووٽ رکندڙ 13 ضلعن کي تعليمي هارڊ پاليسي ۾ بنا ڪنهن سروي جي شامل ڪري نوجوانن کي 33 سيڪڙو تي پاس ڪيو ويو آهي، ان هارڊ پاليسي ۾ پوئتي پيل بدين ضلعي شامل نه ڪرڻ بدين جي نوجوانن سان ناانصافي آهي. اسان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه کان مطالبو ٿا ڪريون ته هارڊ پاليسي تي نظرثاني ڪري بدين ضلعي کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي.

ولي نوحاڻي/ بدين

يوسي نيوڇور کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪيو!

  ضلو ۽ تعلقي عمرڪوٽ جي يوسي نيو ڇور ديھ ڇور ٿڙ هميشه ڪافي سهولتون کان واجهيل ان ڪري رهندي آهي ته هتي جي ماڻهن ۾ سجاڳي ناهي، انهي جو مثال تازو هيلٿ ڊپارمينٽ ۾ اعلان ٿر الائونس ته اچجي جيڪو سڄي ٿر کان پوءِ ديھ ڇور ٿڙ کي مليو هينئر آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙن اميدوارن جو دانهون هنيون ته آءِ بي اي سوال غلط هئا پر ڪو مڃڻ لاءِ تيار نه هو تڏهن سنڌ سرڪار اعلان ڪيو ته هارڊ ايريا وارن کي 33 تي پاس ڪيو ويندو، جتي يوسي ڪپلور، سيخڙو، فقير عبدالله، مهندري جو پار ۽ کوکڙا پار هارڊ ايريا ۾ شامل ٿي ويا پر افسوس نيو ڇور واسي اميدن جا لاٽ کڻي ويٺا هئا، اهو ئي وسامي آخر ڪهڙي لحاظ کان سنڌ سرڪار توڙي هتي جي ايم پي اي کي نيو ڇور، ديھ ڇور ٿڙ هارڊ نٿو لڳي، صحت کاتي جا ملازم هارڊ ايريا الائونس کڻن پيا پر افسوس آءِ بي اي جي اميدوارن لاءِ هارڊ ايريا ديھ ڇور ٿڙ هارڊ ايريا ۾ نٿو شمار ٿي سگهي اسان جي وزيراعلي سنڌ ۽ تعليم جي وزير سائين سردار شاھ کان گذارش آهي ته ديھ ڇور ٿڙ يوسي نيوڇور کي هارڊ ايريا ۾ شمار ڪري آءِ بي اي اميدوارن جي اميدن جا لاٽ هڪ دفعو ٻيهر ٻاريا وڃن.

آسن داس ميگهواڙ/ نيوڇور

وقت جا مصنفو، ٿورو هن طرف به ڌيان ڌريو!

  تازو آءِ بي اي طرفان ورتل ٽيسٽ ۽ ان جي نتيجن کي نظر ۾ رکي سنڌ ڪابينا ڀرتين جي منظوري ته ڏئي ڇڏي آھي پر اهڙيون کوڙ ڳالهيون آھن جيڪي ڌيان طلب آھن. هڪ ته ٽيسٽ ڏکي هئڻ ڪري مرد اميدوارن کي مارڪن ۾ ڪا به رعايت نه ڏني وئي آھي. ٻي ڳالھ ته ڇوڪرين ۽ اقليتين کي پنجن مارڪن جي رعايت، معذور ۽ هارڊ ايريا 33 تي پاس جو حساب ڪتاب ڪري اوهان پنهنجو فيصلو ته ٻڌائي ڇڏيو پر هڪ ڳالھ سوچيو، مثال 10 هزار اهي اميدوار جيڪي جي ايس ٽي ۾ 55 پلس مارڪون کڻي پاس ٿيا آھن ۽ اهي ئي ساڳيا اميدوار پي ايس ٽي ۾ به پاس ٿيا آھن. ته يقينن انهن اميدوارن جي چوائس جي ايس ٽي جوائننگ ڪرڻ جي هوندي ته پوءِ جيڪي 10 هزار پي ايس ٽي جون سيٽون بچنديون اتي ڪير ڀرتي ٿيندا؟ سردار شاهه پاڻ اعتراف ڪيو آھي ته لاڙ جي يوسي کارو ڇاڻ کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪرڻ باوجود به صرف هڪ اميدوار پاس ٿيو آھي. ان مان ئي اندازو لڳايو ته لاڙ ۾ تعليم جو ڪيترو معيار آھي. صرف ضلعي سجاول جي يوسي ٻيلي جو مثال وٺون ته اتي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون تقريبن 35 کان 40 سيٽون خالي پيل آھن پر 55 جي پاليسي موجب ڪو به اميدوار هن يوسي مان پاس ٿي ناهي سگهيو. عورتن ۾ پڻ ڪا به عورت اميدوار 50 مارڪون کڻي ناهي سگهي. هن يوسي ۾ ٽاپ تي صرف هڪ عورت اميدوار 44 مارڪون کڻي سگهي آھي. گذريل ستن اٺن سالن کان هن يوسي ۾ استادن جي کوٽ جي ڪري پڙھائي جو تناسب گهٽ آھي پر ڇا هن ڀيري به هن يوسي جا اسڪول بغير استادن جي ڪاغذي ڪارروائي ۾ هلندا رهندا؟ ڏسجي ته لاڙ جا 2 ضلعا ٺٽو ۽ سجاول تعليم جي حوالي کان تمام گهڻا پٺتي پيل آھن ۽ هن ڀيري هنن ضلعن مان اميدوار به تمام گهٽ پاس ٿيا آھن. تنهن ڪري وقت جي واڳ ڌڻين کي گذارش ٿي ڪجي ته ڄاڻايل ٻنهي ضلعن کي هارڊ ايريا قرار ڏئي گذريل ڪيترن ئي سالن کان خالي پيل جايون ڀري اميدوارن کي روزگار مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليم جو نظام پڻ بحال ڪيو وڃي.

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

سنڌ جي تعليم ۽ روز نوان تجربا ۽ تجزيا‎‎!

  ھارڊ ايريا،  1973 جي آئين پاڪستان، آرٽيڪل 25 جي خلاف آھي، صرف 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪرڻ سان تعليمي پاليسي جي ترتيب ۽ ترڪيب سواليا نشان بڻيل آھي، ھارڊ ايريا جو مطلب سياسي ڀرتيون آھن، جڏھن پاليسي ۾ تبديلي ڪئي وڃي ته اھا برابري جي بنياد تي ڪرڻ گھرجي، سڀني اميدوارن کي 40 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي. ٽيسٽ تي وڌيڪ تجربا ڪرڻ کان بھتر آھي ته سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ 45 سيڪڙو سميت ٻيا سڀ شرط، منصوبا ۽ اعتراض ختم ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت کي موجوده تعليمي پاليسي جي موجب ھارڊ ايريا پھريان ڪرڻ گھرجي ھا، جڏھن ٽيسٽ جو نتيجو اچي چڪو آھي ته پوءِ ھارڊ ايريا جو جواز ڄاڻائي من پسند اميدوارن کي مخصوص يوسيز ۾ ڀرتي ڪرڻ جو مقصد ميرٽ وارن سان ناانصافي ڪرڻ آھي. سنڌ حڪومت کي جيڪڏھن تعليمي پاليسي ۾ ڪجھ ردوبدل يا تبديلي ڪرڻي آھي ته اھا تعليمي قابليت ۽ پروفيشنل ڊگري جي بنياد تي ڪري ته بھتر آھي، جيڪڏھن ڪنھن کي رعايت ڏيڻي آھي ته اور ايج وارن ۽ عورت اميدوارن کي پھرين ترجيح ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته نياڻيون تمام گھٽ پگھار تي پرائيويٽ ادارن ۽ مختلف اين جي اوز ۾ ڊيوٽي ڪري رھيون آھن، سنڌ جي سڀني نوجوانن جو، 40 مارڪن تي پاس ڪرڻ وارو مطالبو بلڪل جائز آھي، جيڪڏھن ڪنھن يوسي ۾ اميدوارن جو تعداد وڌيڪ ٿي وڃي ته انھن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو وڃي.

نويد خان سومرو/ميهڙ،دادو