جيڪب آباد: ملڪيت تان ٻه ڀائر وڙهي پيا، فائرنگ ۾ ماءُ قتل

0
179

جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد ويجھو ڀائرن ۾ ملڪيت تان جهيڙي دوران فائرنگ سبب ماءُ مارجي وئي

آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهل خان جکراڻي ۾ ڀائرن جي جهيڙي جي نتيجي ۾ 60 ورهين جي عورت ثمينا مارجي وئي

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو ۽ لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

پوليس چيو آهي ته محمد علي ۽ لياقت جکراڻي ملڪيت تان پاڻ ۾ اٽڪي پيا فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ماءُ ثمينا مارجي وئي آهي

ھي به پڙھندا

ٺل ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

گڊو ويجھو ھٿياربندن پاران ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي