گڊو ويجھو ھٿياربندن پاران ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

0
150
گڊو ويجھو ھٿياربندن پاران ڦر

گڊو (ن پ ا) گڊو ويجھو پنجاب جي روجھاڻ واري علائقي ديرا دلدار ۾ نامعلوم ھٿيار بندن پاران ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مذمت ڪرڻ تي ٻه ڄڻا قتل ۽ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

گڊو پوليس اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويلن ۽ زخمي کي تعلقه روجھاڻ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏھن ته زخمي کي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو آھي

پوليس جو چوڻ آهي ته مذمت دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ راحب حسين جھلڻ ۽ سخي بخش لولاڻي مارجي ويا ۽ گل شير ملڪ سخت زخمي ٿي پيو

ٻئي پاسي آر پي او ڊيرا غازي خان واقعي جو نوٽيس وٺي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي

ڪرمپور ڀرسان هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

ٻئي پاسي ڪرمپور ڀرسان انڊس هاء وي تان ٻه ڄڻا مبينا طور تي اغوا ٿي ويا آهن، واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو آهي

شيرڳڙھ اسٽاپ وٽ هٿياربند شيرمحمد ۽ گل محمد بروهي کي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيل ٻئي ڄڻا صحبت پور بلوچستان جا رهواسي هئا جن کي مزدا گاڏي مان لاهي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن

اطلاع تي پوليس هٿياربندن پويان ڪچي رواني ٿي وئي آهي

ھي به پڙھندا

سکر پوليس ڪشمور واسي مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو