آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نه اسلام آباد ۾ ٿيندو: حامد مير

0
269
آرمي چيف جي مقرري جو

ڪراچي (م ڊ) سينيئر تجزيه نگار حامد مير چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو لنڊن ۾ نٿو ٿي سگهي، فيصلو اسلام آباد ۾ ٿيندو ۽ جي ايڇ ڪيو مان نالا اچڻ تائين ڪو به نٿو چئي سگهي ته آرمي چيف ڪير هوندو

هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي حامد مير چيو ته هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو نظر اچي رهيو آهي، گذريل ٽي چار آرمي چيف جي مقرري جي سمري 18 نومبر کان 20 نومبر تائين اچي وئي هئي

هن چيو ته جي ايڇ ڪيو سمري موڪليندي تڏهن هي آرمي چيف جي مقرري تي مشورو ٿيندو، ان جي لاءِ جيستائين جي ايڇ ڪيو پنج جنرلن جي نالن جي سمري وزيراعظم کي نه موڪليندي ڪوئي نٿو چئي سگهي ته ايندڙ آرمي چيف ڪير ٿيندو

حامد مير چيو ته آمريڪي اعليٰ آفيسر چون ٿا ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي، ان جي چئن هنڌن تي حڪومت آهي، ان جا اڳواڻ اسان بابت جيڪي به چون ٿا، ان کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون

هن چيو ته آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي سفارتخانو تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت سان ويجهي رابطن ۾ آهي، ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته عمران خان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي سفارتخانو تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت سان رابطي ۾ آهي، برطانوي اخبار کي عمران خان جو انٽرويو به ان تاثر کي مضبوط ڪري ٿو

ھي به پڙھندا

زرداري عمران جو ساٿ ڏيڻ تي پرويز الاهي سان ذاتي جنگ جو اعلان ڪيو آهي: حامد مير