ملڪ ڏيوالي مان نڪري چُڪو، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثرٿيا، بحاليءَ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون: بلاول

0
308

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انٽرنيشنل دفاعي نمائش آئيڊياز 2022 جو افتتاح ڪري ڇڏيو، نمائش ۾ فوجي قيادت،  مختلف ملڪن جا سفير، عالمي واپاري، وڏو وزير سيد مراد شاهه، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

 افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته ملڪ ڏيوالي مان نڪري چُڪو آهي، اتحادي حڪومت ملڪ کي چئلنيجز مان ڪڍڻ لاءِ منهن ڏئي رهي آهي

هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان خطرناڪ ٻوڏ کي مُنهن ڏنو، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا، جن جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، پرڏيهي پاليسي تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال ترقي جي راهه ۾ تمام گهڻو مددگار آهي

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو، پنهنجي پرڏيهي پاليسي تحت ٻين ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون، خطي جي بهتري لاءِ ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ضروري آهي

دفاعي نمائش آئيڊياز چئن ڏينهن تائين جاري رهندي، 17 نومبر تي ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ايئر شو منعقد ڪري مختلف مشقون ڪيون وينديون

ھي به پڙھندا

بائيڊن جي بيان تي آمريڪي سفير کي طلب ڪري ديمارش ڪنداسين: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري

حق ڇني وٺندا آهيون، عمران جو وقت پورو ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري