حق ڇني وٺندا آهيون، عمران جو وقت پورو ٿي چڪو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
301

ملير(رپورٽ: ناز شر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پهرين جيان هاڻي به سليڪٽ ٿيڻ گهري ٿو، عمران خان هاڻي مڃي رهيو آهي ته کيس اختيار نه هئا
ملير ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اختيار نه ملڻ تي عمران خان کي استيعفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، هن چيو ته ملير جي عوام 2018ع جو کسيل مينڊيٽ پيپلز پارٽي کي واپس ڏياريو آهي، هاڻي عمران خان کي سياست مان به رٽائر ڪرائينداسين، ملير واسي هر آمر جو ڀرپور مقابلو ڪيو
هن چيو ته 2018 ۾ اسان جي مينڊٽ تي حملو ڪيو ويو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو اعلان ته ٿيو ته لکين نوجوان بيروزگار ٿي ويا
بلاول چيو ته عمران خان ڪوڙو انسان آهي، ٻين تي ڪوڙا الزام هڻندو آهي، اهو پاڻ وڏو چور آھي، عمران پاڻ خيرات جي پئسا چوري ڪري کائيندو آهي

حڪيم بلوچ جو خطاب

اين اي 237 تي ننڍي چونڊ دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي شڪست ڏيندي حڪيم بلوچ چيو ته اسان ثابت ڪيو ته هتي رڳو تير هلندو آهي
هن چيو ته ملير جو گرين بيلٽ تباهي جي ڪناري تي پهتل آهي، ان کي بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن

بلاول ۽ آصفه جي ملير آمد، گل جي ورکا

هن چيو ته ملير ۾ ميديڪل يونيورسٽي جو ڪم سست رفتاري سان هلي ٿو، اهو جلد پورو ڪيو وڃي،لياري يونيورسٽي جو ڪيمپس ملير ۾ قائم ڪيو وڃي
هن بلاول آڏو مطالبو رکيو ته ملير واسين جو سڀ کان وڏو مسئلو 30 سالن جي زمين واري ليز آهي، جيڪو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي ۽ قبضا مافيا مان جند ڇڏائي وڃي

ھي به پڙھندا

بلاول ۽ آصفه جي ملير آمد، گل جي ورکا: حڪيم بلوچ کي واڌايون ڏنيون