ڪراچي ۾ قتل ڪيل مختيارڪار اعجاز چانڊيو جو مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي

0
360

مٺياڻي (رپورٽر) ڪراچي جي سرجاني ٽائون ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن دوران قتل ڪيل مختيار ڪار اعجاز چانڊيو جي مٺياڻي ويجهو اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي

جنازي نماز ۾ روينيو کاتي جي عملدارن سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ علائقي واسين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي

مختيار ڪار اعجاز چانڊيو کي سوين آلين اکين سان سيد علي گوهر شاهه جي قبرستان ۾مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

مختيار ڪار جي قتل خلاف پڊعيدن ۾ جسقم جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري مرڪز بند پيل آھن

دادو ۾ روينيو ملازمن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي، مختيارڪار اعجاز چانڊيو جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

سرجاڻي ٽائون ۾ آپريشن دوران مختيار ڪار قتل