ٻارن جي معاملي ۾ والدين بهترين جج هوندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
213

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اداڪارا وينا ملڪ ۽ اسد خٽڪ وچ ۾ ٻارن جي حوالگي جو تڪرارسنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، عدالتي حڪم تي اداڪاره وينا ملڪ ٻنهي ٻارن کي عدالت ۾ وٺي آئي

عدالت ٻارن جي پيء اسد خٽڪ  کي ٻن ڪلاڪن تائين ٻارن سان ملڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد اسد خٽڪ ۽ ٻارن جي ملاقات ڪرائي وئي

جسٽس صلاح الدين پنهورچيو ته ٻارن جي معاملي ۾ والدين بهترين جج هوندا آهن، عدالت کان ٻاهر معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو

سروش جميل ايڊووڪيٽ چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اميد آهي ته معاملو حل ٿي ويندو, اسد خٽڪ جي وڪيل چيو ته اسان کي ڊپ آهي ته وينا ملڪ ٻارن کي پرڏيهه وٺي وينديڪراچي ۽  حيدرآباد ۾ ٻوڏ جي

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن گھمڻ لاءِ ٻاھر کڻي ويندي ته واپس به آڻيندي، ٻارن سان ملاقات پيءُ جو حق آهي

وينا ملڪ جي وڪيل يقين ڏياريو ته جڏھن عدالت حڪم ڏيندي ٻارن کي ملاقات لاءِ آندو ويندو

ٻن ڪلاڪن جي ملاقات کانپوء وينا ملڪ ٻارڙن کي گڏ کڻي رواني ٿي وئي ۽ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 دسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

واضح رھي ته ٻارڙن جي پيء اسد خٽڪ پاران ڏکڻ جي فيملي ڪورٽ ۾ ٻارڙا حوالي ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس ھلندڙ آھي