جوهي (ن پ ا) جوهي ٿاڻي جي حد کير واري موري وٽ پوليس مقابلي بعد ٽن ڏوهارين ممتاز ڀنڊ، عبد الستار ۽ اسماعيل بروهي کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي، ان حوالي سان پوليس موجب ته ڳجهي اطلاع تي ناڪا بندي ڪئي، جتي پوليس ۽ ڏوهارين وچ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جهن بعد 3ڏوهاري ممتاز ڀنڊ، عبد الستار ۽ اسماعيل بروهي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان سولر پليٽون، 5 موٽرسائيڪلون ، هڪ گاڏي هٿ ڪئي آهي