حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اسرائيل پاران فلسطين تي حملن خلاف هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران گڏيل طور اڄ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عشرت علي لوهر ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر محمد آصف شيخ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اسرائيل پاران مسجد اقصيٰ جي تقدس پئمال ڪرڻ ۽ فلسطينين تي وحشياڻي ظلم ۽ جارحيت خلاف اڄ ٻنهي بارز جا وڪيل هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري پنهنجو احتجاج ڪرائيندا.