ڪوٽ لالو (ن پ ا) ٺري ميرواهه واسي موٽر سائيڪل سوار ڪراچي وڃي رهيا هئا ته ڪوٽ لالو وٽ حادثو پيش آيو، 14 سال جي نينگري مسڪان کوکر سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري نوابشاهه اسپتال نيو ويو جڏھن ته شھرين ٽرڪ ڊرائيور کي ٽرڪ سميت سوگهو ڪري ورتو، ڪوٽ لالو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.