مٽياري (رپورٽر) سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ طوفان دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا مٽياري پاران ضلعي ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪري ڇڏي آهي، روينيو، صحت، لوڪل گورنمنٽ، ٽائون، ميونسپل انتظاميا، سوشل ويلفيئر، اطلاعات ۽ حيسڪو سميت لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رھڻ ۽ ضلعي آفيسرن کي پنهنجا موبائل نمبر کليل رکڻ سان گڏوگڏ بنا اجازت جي هيڊ ڪوارٽر نه ڏڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه جي هدايتن تي ڪنهن به امڪاني صورتحال بابت ڄاڻ لاءِ قائم ڪيل ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪري ورتو آهي