جنگشاهي (ن پ ا) واحد رورل هيلٿ سينٽر جنگشاهي عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، ان ڏس ۾ يوسي جنگشاهي جي نامزد چيئرمين اميدوار ڪريم الله جوکيو، پروفيسر حبيب الله پليجو، عبدالقادر شيخ، لالا رؤف، سليم اختر جوکيو، شاھنواز جوکيو، عبدالرحيم جوکيو، محمد جمن جوکيو ۽ ٻين دانيهندي چيو ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي سخت کوٽ آهي، هنن چيو ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب مريض علاج لاءِ دربدر آهن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.