ڪنري (ن پ ا) ڪنري لڳ ٻسٽان ۾ ھڪ ھفتي کان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شھرين احتجاجي  مظاھرو ڪري ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي دولت خاصخيلي، حاجي ھاشم ڪپري، راشد آرائين، محمد رحيم ڀٽي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ھڪ ھفتي کان ٽرانسفارمر سڙيل آھي، جنھن کي تبديل ڪرائڻ لاءِ واپڊا وارا ڳري رشوت گھري رهيا آهن، هنن چيو ته دانھين ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته بجلي بند ھجڻ سبب ڪاروهنوار ٺپ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر لڳائي مسئلو حل ڪيو وڃي،