لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾غريب آباد محلي جي رهواسين بشير ملگاڻي، نويد چانڊيو، جمن لولائي، رجب ڪلهوڙو، جاويد ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ وليد  روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته هفتي کان ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي. پ پ اڳواڻ جميل سومرو ۽ نئين چونڊيل چيئرمين شفيق چانڊيو جي تعاون سان نئون ٽرانسفارمر وٺي ڏنو، ان لاءِ نوان پول پڻ لڳايا ويا آهن، سمورو سامان موجود هجڻ باوجود سيپڪو شيخ زيد سب ڊويزن جو ايس ڊي او ٽرانسفارمر لڳائي ڏيڻ کان لنوائي رهيو آهي. نوٽيس وٺي نئون ٽرانسفارمر لڳائي ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.هوڏانهن وليد پوليس روڊ کولرائڻ لاءِ مظاهرين کي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.