تلهار(ن پ ا) تلهار واسڻ جوابدارن تي اغوا ۽ زيادتي جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ اشرف هنڱورجو جي رهواسڻ مسمات فهميده ملاح پنهنجي گهر واري ديدار ملاح ۽ مائيٽن  سليمان ملاح رجب ملاح ۽ جليل ملاح سان گڏ پريس ڪلب تلهار تي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته مونکي اعجاز ملاح ،مجيد ملاح  ۽ نديم ملاح ٻه ڏينهن اڳ رات دير سان هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪيو ۽ ڳوٺ کان پري جمون ملاح جي ڳوٺ ۾ قيد ڪري  جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايو، جتان آئون وجھه وٺي گهر پهتي آھيان. هن چيو ته واقعي وقت منهنجو مڙس مڇي وڪڻڻ حيدرآباد ويل هو، مون سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.