سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان نامعلوم شرپسند ڍوري ۾ زهر اڇلي مڇي ماري فرار ٿي ويا، متاثر ڳوٺاڻي جو احتجاج، جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ نقصان ازالي جو مطالبو. خبر موجب گذريل رات دير سان نامعلوم شرپسند ڳوٺ جلال انڍڙ واسي پورهيت غلام اصغر  انڍڙ جي فش فارم ۾ زهر هاري لکين رپين جي مڇي ماري فرار ٿي ويا. پورهيت غلام اصغر انڍڙ احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته منهنجو ناري ڍوري ۾ 22 ايڪڙن تي مڇيءَ جو ٺيڪو آهي جنهن ۾ لکين رپين جي مڇي رکيل آهي. گذريل رات پنهنجي ئي برادريءَ سان تعلق رکندڙ مخالفن زرعي زهريلي دوا هاري لکين رپين جي مڇي ماري ويا آهن، هن جو چوڻ هو ته ڄاڻايل جوابدارن پهريان به ڪافي ڀيرا چوري مڇي پڪڙي وڪڻي ڇڏي هئي. ساڳين جوابدارن ڍوري ۾ زهريلي دوا هاري مون کي لکين رپين جو نقصان رسايو آهي. هن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي  جو نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.