حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. تعلقي ٺري ميرواهه جي ڳوٺ عبدالمجيد قمبراڻي جي رهواسي مشتاق قمبراڻي بااثر  ماڻهن جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته علائقي جي رهواسي بااثر جاويد قمبراڻي سندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ گهرڀاتين سميت تشدد جو نشانو بڻائي هراسان ڪيو آهي جنهن خلاف پوليس وٽ دانهيو پر پوليس ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو. هن چيو ته بااثر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن جو فيصلو به ٿي چڪو آهي پر پوءِ به بااثر کين حراسان ڪندو رهي ٿو. پيارو لنڊ جي رهواسي احسان بروهي ڀيڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته بااثر عزيز، عبدالقادر ۽ ٻين سندس 12 سالن جي ڀيڻ فوزيه سان مبينا طور زيادتي ڪئي ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جيڪي هاڻي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون پيا ڏين. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.