ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي پاران مختلف آفيسرن جون بدليون شهيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شمس الدين دل  کي ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد  ۽ لاڙڪاڻي جي ڊي اِي او پرائمري گلشير سومرو کي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو آهي.  هوڏانهن قمبر جي ڊي اي او سيڪنڊري انيس جلباڻي کي بدلي ڪري ساڳئي ضلعي ۾ ڊي اِي او پرائمري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زرينا چنا کي ڊي اِي او گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو آهي.