ڪراچي (ن ڊ)  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته متحده ڌڙن ۾ اتحاد سان بهتري ايندي، خالد مقبول غيرتڪراري ڪنوينر آهي ۽ رهندو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مختلف قيادتن جا اليڪشن ۾ سٺا نتيجا نه آيا، گورنر سنڌ پنهنجي پاران قدم کنيا آهن، جيڪڏهن اتحاد ٿئي ٿو ته بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي، اسان جو ڪيترائي ڪلاڪ هر نقطي تي بحث ٿيو آهي،