ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان جي پوليس چوڪي مٿان دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ فائرنگ سبب 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي نڪواڙه ۾ قائم پوليس چوڪي تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، دهشتگردن جي حملي ۾ راڪيٽ لانچرز ۽ دستي بمن سميت جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو. ڊي پي او شعيب خان موجب دهشتگردن چيڪ پوسٽ مٿان 17 کان وڌيڪ راڪيٽ لانچرز فائر ڪيا ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. پوليس جي جوابي ۾ ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڊي پي او شعيب خان ۽ ڊي ايس پي صدر حافظ عدنان پنهنجي اسڪواڊ سان گڏ وقت تي پهچي دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. جڏهن ته دهشتگردن جي زخمي ۽ مارجي وڃڻ جون رپورٽون به سامهون آيون آهن، جن کي سندن ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. دهشتگردن چوڪي تي قبضو ڪري وڏي تباهي مچائڻ چاهي ٿي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو. ڊي پي او موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ ايف سي جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي جنهن علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو، جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب ڊيرا اسماعيل خان جي تاريخ ۾ دهشتگردن جو اهو ڪنهن به پوليس چوڪي مٿان سڀني کان وڏو حملو هو جنهن ۾ تقريبن 20 دهشتگردن چيڪ پوسٽ کي ٽنهي طرفن کان گهيرو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني. حملي ۾ پي جي سيون راڪيٽ ۽ دستي بمن سميت جديد هٿيارن جو استعمال به ڪيو ويو.