تعليم، گوگل ۽ اسين

0
117
تعليم، گوگل ۽ اسين

 تعليم اسان جي زماني ۾ ٻي هُوندي هُئي، هاڻوڪي زماني ۾ ڪُجھ ٻي آهي ۽ ايندڙ زماني ۾ اڃان ڪُجھ ٻي طرح هُوندي. اسان جي زماني ۾ معلومات جو سڀ کان وڏو ۽ واحد وسيلو صرف ريڊيو هوندو هو. بعد ۾ ٽيليويزن آئي، ته ڄاڻ ۾ ويتر وڌيڪ اضافو ٿيو. اسان جي وقت ۾ ايمان افروز علمائن ۽ اڪابرن جي فتوائن سببان، ريڊيو ٻُڌڻ تي به پابندي هوندي هئي. ريڊيو ٻُڌندڙ ڪبيري گناھ جا مرتڪب سمجھيا ويندا هئا. ٽيليويزن جو آئي، ته ريڊيو جي پابنديءَ تان ڌيان هٽندو ويو ۽ ٽيليويزن ڏسڻ تي سختي ٿيندي ويئي. سائنسي ارتقاءَ  جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري رهيو، ته آهستي آهستي ٽچ اسڪرين موبائل بازار ۾ اچي پهتو. هن وقت آهستي آهستي، ٽيليويزن ڏسڻ تان پابندي ختم ٿي رهي آهي، ڇو جو ٽچ اسڪرين موبائل اسان جي کيسي ۾ اچي ويو آهي. هن ۾ ريڊيو به آهي، ٽيليويزن به آهي، فون به آهي، ٽائيم به آهي، ٽارچ به آهي، الارم به آهي، ڪئميرا به آهي، دنيا جا نقشا، برِ اعظم، ملڪ، شهر، بازارون، راهون، رستا، طرف، لوڪيشن، سمونڊ، پهاڙ، جھنگل، رڻ پٽ، ميدان، بيابان، ريگستان، رانديون، ڊائريون، ڪئلينڊر، ڪئلڪيوليٽر، ڪتب خانا ۽ لائبريريون به موجود آهن. اهي سموريون سائنسي سهولتون، اسان جهڙن گھٽ پڙهيلن ۽ لکيل پڙهيل عالمن ۽ اڪابرن کان ويندي، هاڻي مفتي سڳورن جي استعمال هيٺ اچي چڪيون آهن. آئون گھٽ پڙهيل انسان آهيان، ان ڪري اعتراف ٿو ڪريان ته مون کي ٽچ اسڪرين موبائل، ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر وغيره، منهنجي ٽين پيڙهي يعني ننڍي پوٽي شاھ زيب علي لغاري هلائڻ سيکاريا آهن. اسان جو نئون نسل، اسان کان هزار دفعا وڌيڪ ھوشيار آهي.

اسان جي زماني ۾ هاري ۽ منجيري يا گراهڪ ۽ دڪاندار، پنهنجو حساب ڪتاب ڪاغذن تي ڪندا هئا. زميندارن وٽ قاضي مقرر هوندا هئا، جيڪي هفتن جا هفتا ويهي ليکو چوکو ڪندا هئا. ڪئلڪيوليٽر جو آيو، ته انگن اکرن وارو حساب، جيڪو سالن ۾ ٿيندو هو، سو سيڪنڊن ۾ ٿيڻ لڳو. قاضين ۽ ڪمدارن جي ڪا به ضرورت نه رهي. اسان هن وقت جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. اسان جي تعليمي ادارن ۽ ديني درسگاهن ۾، ڪمپيوٽر هلائڻ ۽ دنيا جي ٻين ٻولين سيکارڻ تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪجھ عرصو اڳ تائين، لاشعوري طور اسان جا علماءَ ۽ اڪابر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا سخت مخالف هوندا هئا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو اسان هن وقت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ قومن کان ڪافي پوئتي رهجي ويا آهيون. مون پنهنجي ٽچ اسڪرين موبائل تان، هڪ شخص جي اردوءَ ٻوليءَ ۾ ڪيل تقرير ٻڌي، ته لاجواب ٿي ويس. اها تقرير مون کي حقيقت جي بلڪل قريب قريب لڳي. هو چئي رھيو ھو، “دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ واري قوم يهودين جي آهي. انهن جي مطالعي جو سالانه ايوريج 72 ڪتاب آهي. دنيا ۾ سڀ کان گھٽ ڪتاب پڙهڻ واري قوم مسلمانن جي آهي، جن جو سالانه ايوريج صرف 6 منٽ آهي. اسان جي قوم تي اهو الزام آهي، ته جيڪا قوم سڀ کان وڌيڪ بيگناھ جيلن ۾ آهي، اها مسلمانن جي قوم آهي. اسان کي اپليڪيشن لکڻ نٿي اچي، ان ڪري عدالتي بورڊن ۾ اسان جو مقدمو ئي نٿو لڳي. اها سال ۾ 6 منٽ پڙهڻ واري عادت، اسان کي ڪٿي ڇڏي ويئي آهي! ٻي نهايت اهم ڳالھ اها آهي ته گذريل ڪجھ عرصي کان، ڄڻ اسان جو سونهري دور هلي رهيو آهي. اسان هر شئي کي پنهنجي خود خياليءَ سان ڏسڻ ۽ ماپڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هر شئي کي پنهنجي پسنديده ترازوءَ ۾ تورڻ لڳا آهيون. حالانڪه اسان جي ترازوءَ جو نالو هئڻ گھرجي مستقبل. حضرت علي ڪرم الله وجھه جن جو قول آهي ته، “اوهان پنهنجي ٻار جي پرورش ڪريو ته پنهنجي زماني جي حساب سان نه ڪريو، بلڪه اچڻ واري زماني جي حساب سان پرورش ڪريو. ڇو جو اوهان جو زمانو ڪجھ ٻيو آهي ۽ اچڻ وارو زمانو ڪجھ ٻيو هوندو”. اوهان جيئن ئي مستقبل کي تقاضا بڻائي، جنهن به تعليمي ميدان ۾ ويندا ته اوهان کي فورن سمجھ ۾ ايندو ته اسان جن جن شعبن ۾ داخلائون وٺي ويٺا آهيون ته اهي سڀ جون سڀ مائنر آهن، ميجر آهن ئي ڪونه. اوهان پنهنجي موبائل ڪڍو، ان جو ڪروم کوليو، ان تي لکو 15 ڪمپنيز. بس وڌيڪ ڪجھ به نه لکو، صرف لکو 15 ڪمپنيز، ته ان جي اڳيان فورن گوگل تان جواب ايندو “ڊگرين جي ڪا به ضرورت ڪانهي”. دنيا جون 15 ڪمپنيون اهڙيون آهن، جيڪي ڊگرين جي آڌار تي ملازمن جي چونڊ يا اپائنمنٽ نٿيون ڪن. انهن ۾ هڪ ايپل آهي، ٻي گوگل آهي ۽ ٽين ايمازون آهي. يهودين وٽان هڪ اھم ڳالھ سکڻ لائق هي آهي ته اهي گوگل جي سڀ کان مٿانهين پوسٽ تي پهچي چڪا آهن. اهي گوگل، ايپل ۽ ايمازون جي سڀ کان مٿانهين پوسٽ تي ويٺل آهن. ان ڪري يهودين اهو سڀ ڪجھ ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو هاڻي مسلمان ته ڇا، پر دنيا جي ڪا به قوم نٿي ڪري سگھي. اسان کي موبائل ايترو ته پاڻ تي انحصار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جو اسان وٽ دنيا جي هر چوائس، صرف هڪ ڪلڪ تي دستياب آهي. يهودي جماعتون کِلي چون ٿيون، ته “دنيا وٽ صرف اها چوائس موجود آهي، جيڪا اسان ڏيکارڻ چاهيون ٿا. ٻين جي هٿن ۾ چوائسز موجود ئي ناهن”. چوائسز صرف انهن جي هٿن ۾ آهن، جيڪي فيصله ڪُن چوائسز جي سڀ کان مٿانهين پوسٽن تي، پنهنجي محنتن سان وڃي ويٺا آهن. هاڻي ايتري قدر چوائسز انهن جي هٿن ۾ آهن. ياد رکو، اگر اسان کي دنيا سان ڪُلھو ڪُلھي ۾ ملائي هلڻو آهي يا زنده رهڻو آهي، ته بنا مت ڀيد ۽ مذهبي تفريق جي، تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. ان کان علاوه ٻيو ڪو ئي رستو ڪونهي.

[email protected]