آئين جي گولڊن جوبلي ملهائجي يا ماتم ڪجي؟

0
120
آئين جي گولڊن جوبلي ملهائجي يا ماتم ڪجي؟

 جڏهن ناراض مخالف ڌر جي موجودگيءَ ۾ 10 اپريل 1973ع تي ٻن مارشلائن جي ماريل جمهوريت جي وارثن ملڪ ۽ قوم کي متفقه آئين جو تحفو پيش ڪيو ته اهو ڏينهن واقعي داد ۽ تحسين جي لائق تڏهن به هو ۽ اڄ به آھي۔ ان وقت جي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي، مولانا مفتي محمود، علامه شاھ احمد نوراني، خان عبدالولي خان، غوث بخش بزنجو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ان پايي جي قيادت جو احسان مڃڻ به ٺھي ٿو۔ انهيءَ سوچ کي سامهون رکندي جڏهن هن سال آئين جي سالگرھ جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ پارليامينٽ ھائوس ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪنوينشن ڪوٺايو ته سياسي قيادت سميت ملڪ جون مک ساکائتيون شخصيتون پڻ موجود هيون، جن ۾ سپريم جو هڪ معزز جج به موجود هو۔ پوءِ خدا جي خلق ڏٺو ته آئين، جيڪو مهذب رياست جي روح جي حيثيت به رکي ٿو ته سڀني رياستي ادارن جي خمير جو درجو به رکي ٿو، تنهن بابت سرهو ٿيڻ بدران آئين دشمن فاشسٽ قوتن ان سڄي ميلي کي ان معزز جج جي شرڪت خلاف روايتي بد تهذيبي ڪندي ناڪاري ٽرينڊ ھلائي ملهايو۔ عدليه آئين جي محافظ آھي، ان دستاويز جي جشن ۾ ته سڄي عدليه کي موجود هجڻ گھربو هو۔ هن آئين اڄ تائين پهچندي جيتريون للڪارون ڏٺيون ۽ خطرناڪ حملا برداشت ڪيا، ان کان پوءِ به 50 سالن جي عمر پوري ڪرڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي۔ هن آئين جي دشمنن جو تعداد ان جي حامين کان وڌيڪ آھي پر اخلاقي طرح ڪمزور هئڻ سبب هر طرح جي ڪوششن جي باوجود هن احترام لائق دستاويز جي وجود کي ختم نه ڪري سگهيا آھن۔

1947ع ۾ آزادي ماڻڻ کان وٺي هن ملڪ کي جمهوريت پسند قيادت مڙيوئي گهٽ گھٽ نصيب ٿي آھي۔ جيڪڏهن ٻٽاڪ نه هڻجي ۽ تسليم ڪجي ته 1956ع جي پهرئين آئين ٺھڻ تائين به اڌوگابري آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اهو ئي ناٽڪ جاري رهيو، جيڪو اڄڪلھ ته بنھ چوٽ چڙھيل آھي۔ اهو آئين بنگالين جي اڪثريت خلاف بنياد پرست ۽ مغربي پاڪستان جي طاقتور جاگيردارن واري صوبي پنجاب جي تنگ نظريءَ جي پيداوار هو، جنهن جي “تختِ لاهور” حاصل ڪرڻ لاءِ، خاص ڪري پي ٽي آءِ ۽ نون ليگ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ جي آڌار تي اڄ به ڌرتي ٽامون ڪريو ويٺا آھن۔ ان آئين کي ٺھڻ ۾ نون سالن جي دير صرف اڪثريتي صوبي کي چٿڻ لاءِ، قرارداد مقاصد ۽ عالمن جي 22 نڪتن کي آئين ۾ سندن مرضيءَ جو مقام ڏيارڻ لاءِ ۽ ننڍا صوبا ته پيا کڏ جي تري ۾، بنگالي زبان کي اردوءَ سان گڏ قومي زبان قرار ڏيارڻ تي اختلاف سبب ٿي۔ اهو آئين ڪاميابي لائق هو ئي ڪونه، انهيءَ ڪري ئي ايوب خان “قوم جو مسيحا” بڻجي ڏنڊي سوڌو پهچي ويو۔ انهيءَ لٺ جي زور تي 11 سال ته ڪڍيائين پر ملڪ کي پنهنجي مرضي مطابق 1962ع وارو صدارتي آئين پڻ ڏنائين۔ نتيجي ۾ اڳئين آئين صرف 6 سالن ۾ مرهيات جي منزل ماڻي۔ ايوبي آئين سان وري سندس ئي پٽي ڀائي جنرل يحييٰ خان 1969ع ۾ اهوئي حشر ڪيو، جيڪو هر آمر ڪندو آھي۔ ان کان پوءِ ان فوجي سربراھ کي هم نصابي سرگرمين کان جيترو به وقت باقي بچيو، ان ۾ بنگالين خلاف فوجي آپريشن ڪري ملڪ کي ٻه اڌ ڪرائي، 90 هزار جنگي قيدي ڀارتي جيلن تائين پهچائي، ملڪ، قوم ۽ خود کي پوري طرح خوار خراب ڪرائي پوءِ ڪنڊائتو ٿي وڃي ساھ پٽيائين۔ انهن حالتن ۾ باقي بچيل ملڪ کي بچائڻو هو، آئين به ٺاهڻو هو، جنگي قيدي هندستاني جيلن مان آزاد ڪرائي مايوس ۽ شرمنده قوم جو مورال به اوچو ڪرڻو هو۔ ڪم ته تمام ڏکيو هو، پر ٿي ويو۔ جن ڪيو هو، تن لاءِ سکڻي واھ واھ ته ٺھي ٿي!!

1973ع جو آئين ۾ ڪل 280 آرٽيڪل يا شقون آھن، جن مان شق 8 کان 28 تائين تفصيل سان انساني بنيادي حقن جي فراهمي ۽ حفاظت جي ضمانت ڏنل آھي پر ملن مشڪل سان ٿا۔ حقيقت حال ان کان بنھ تلخ آھي، ڇاڪاڻ ته هيءُ آئين پنهنجي خالق کان وٺي ٻن مارشلائن ۽ آمرانه سوچ رکندڙ سياسي رانديگرن هٿان پنهنجي وجود ۾ قهري ڪان برداشت ڪندو آيو آھي پر اڃا پيو جيئي هيءُ جيئڙو۔ ان ڪمال تي هڪ سلام ته ٺھي ٿو، ڇو ته شايد هن آئين کي صفا فنا ڪرڻ کان ڊڪٽيٽر به ڊڄيو وڃن۔ اها ٻي ڳالھ آھي ته آئين ٽوڙي به سدا جي سهولتڪار جڊيشري سڀني کي تحفظ ڏيئي صفا حاجي بنائي پوءِ الوداع ڪندي آھي۔ گھٽ ته ڪنهن به ڪانه ڪئي پر جيڪو ڪاپاري ڌڪ ضياءَ هن مقدس سڏيل آئين ۽ پاڪ سر زمين جي دعويدار ملڪ سان ڪيو، ان جا موتمار اثر سندس هوائن ۾ اڏامي وڃڻ جي 35 سالن کان پوءِ به سڄي سياست، سماجيت ۽ خاص ڪري مذھبي سوچ کي هڪ مخصوص پر تنگ نظر رستي تي لڳايو ويٺي آھي۔ موصوف قرارداد مقاصد، جيڪا صرف ديباچي طور موجود هئي، ان کي آئين جو باقاعده حصو بڻايو۔ اٺين ترميم هن آئين جو ڄڻ ته عقيدو ئي بدلائي ڇڏيو۔ شق 58 ٽو بي ته آئين کي پارليماني مان بدلائي جهڙو صدارتي بڻائي ڇڏيو هو۔ اهڙين من پسند ترميمن  توڙي مذھب جي تشريح، ورديءَ جي زور ۽ لاڳيتي ڪوڙ جي سهاري هيءُ به ٻيا يارهن سال هن قوم جي وجود سان ڄرن وانگر چنبڙيو رهيو۔ آئين ڪاغذ جو ٽڪرو سڏيندڙ ھن غاصب جيڪي ترميمون ڪيون، تن کي بعد ۾ ايندڙ جمهوري حڪومتون به مذھبي حلقن جي دٻاءَ سبب ڪجھ نه ڪري سگهيون۔

نواز شريف جي ٻئي دؤر 99- 1997ع دوران 58 ٽو بي واري ترميم کي ختم ڪيو ويو. 14 ترميم وسيلي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي پارٽي ميمبرن تي لامحدود اختيار استعمال ڪرڻ جو حق ڏئي پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ وڌي ويئي۔ افسوس جو اڄ اعليٰ عدليه 63 اي جي تشريح جي نالي تي ساڳي شق کي آئين ٻيهر لکڻ مترادف عمل ڪري ظاهر ۾ آئين کان مٿانهون فيصلو ڏنو، جنهن کي ملڪ ۾ جاري بحران جي “ماءُ” سمجهيو پيو وڃي۔ پر ساڳئي نواز شريف 15 ترميم ذريعي پاڻ لاءِ امير المومنين وارا لامحدود اختيار خود حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت نه هئڻ سبب ڪاميابي ڪانه مليس۔ 1999ع ۾ جنرل مشرف بغاوت ڪري جڏهن اقتدار تي قبضو ڪيو ته 58 ٽو بي سميت طاقتور صدر جي اختيارن کي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ صدر جي حيثيت ۾ استعمال ڪندو رهيو۔ سندس اصل طاقت جو سرچشمو ساڳي روايتي ڇڙي رهي پر 1973ع جو آئين سڀ بي حرمتيون برداشت ڪندي پوءِ به زنده رهيو۔ موصوف هن آئين کي 1999ع کان پوءِ وري ٻئي دفعي ٽوڙي 3 نومبر 2007ع تي ايمرجنسي لاڳو ڪري عدالتي بحران کي منهن ڏيڻ چاهيو۔ هيءَ جذباتي قوم تڏهن به آمر نما منصف سان گڏ هئي پر اڄ منصفن جا ڪارناما ڏسي ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي هوندي ته ڪاش! انهيءَ آئين شڪني ڪرڻ ۾ اهو ئي آمر جيڪر ڪامياب ٿئي ها ته گهٽ ۾ گھٽ ٻئي قسم جي آمريت کان ته بچي وڃجي ها۔ انهيءَ ساڳي عدالت سڳوري سال 2003ع ۾ ساڳئي غاصب کي 17هين ترميم ذريعي سندس سڀني گناهن کي ته تحفظ ڏنو پر وردي واري جنرل کي بي حساب ترميمن جو به اختيار ڏنو هو۔ واھ ڙي قسمت!! اهو پهريون ڀيرو نه ٿيو هو، اسان جي عدليه شروع  کان, جسٽس منير پيدا ڪيا آھن، نظريهء ضرورت جن جي ڀوائتي ايجاد آهي. عدليه گهڻو ڪري غاصبن سان گڏ رهي اقتداري راند ۾ جونيئر حصيدار جو ڪردار ڪندي آئي آھي۔ ان ڪري آئين ۽ پارليامينٽ جو جيڪو “آئيني خمير” خود عدليه منجھ موجود آھي، ان جي آڌار تي پارليامينٽ جي “سپرميسي” ته مادري حق آھي۔ افسوس! سندس ئي حصي عدليه، اسٽيبلشمنٽ سان ملي هميشه کيس ان حق کان محروم رکيو آھي۔

صرف 18هين ترميم هن آئين ۽ جمهوريت لاءَ اها اڪيلي بهار هئي، جنهن ضيائي ترميمن سميت ڪافي ناپاڪين کي صاف ڪري پارليامينٽ جا اختيار به بحال ڪيا ته صوبن کي به پهريون دفعو ڪافي جائز حق ڏياريا۔ پر اڃا به اهي اسم جيڪي صوبن کي منتقل ڪيا ويا هئا، تن کاتن ۽ ڊويزنن جون وفاقي وزارتون به قائم آھن ته فضول خرچيءَ واري Duality به جاري آھي۔ انهيءَ مرحلي تي افتخار چوڌري واري عدالت، بلال ڀٽو چواڻي، “بليڪ ميل” ڪري 19 ترميم ڊڪٽيٽ ڪرائي پنهنجي اداري جون مقرريون پاڻ وٽ رکرايون۔ انهيءَ ترميم جو ئي نتيجو آھي ته اڄ جونيئر حمايتي بينچن خلاف موجود ڪروڌ سبب رياستي ادارا به سياستدانن وانگر ڌڙن ۾ ورهائجي پريشان ڪندڙ رساڪشي ۾ رڌل آھن۔ هن وقت هر ادارو ڪنهن ٻئي اداري سان ۽ سياسي ڌريون هڪٻئي سان ڀوائتي جنگ جوٽيو بيٺا آھن۔ 25هين ترميم ذريعي سرحد صوبي وارن کي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ موٽائي ڏني ويئي ۽ نئون نالو خيبر پختونخوا پئجي ويو۔ هيستائين ڪل ملائي 26 ترميمون ٿي چڪيون آھن، ڪجھ چڱيون ۽ ڪجھ بريون پر هيءُ متفقه آئين اڃا تائين جيئرو آھي، جيڪو خود تمام وڏو ڪارنامو آھي۔

ائين به ناهي ته هي آئين ڪو خامين کان پاڪ آھي۔ ويجهڙائي ۾ ڪجھ عملي مشڪلاتون صدر ۽ گورنرن طرفان حلف کڻائڻ يا قانوني بلن تي صحي ڪرڻ جھڙين آئيني ذميوارين پوري ڪرڻ ۾ ڪوتاهي، ٻن صوبن جي اسيمبلين کي باقي اسيمبلين کان اڳ ۾ ٽوڙڻ کان پوءِ واري صورتحال يا هڪ وزير اعظم کي سوليءَ تي چاڙھيندڙ ۽ ٻن کي گهر ڀيڙو ڪندڙ پاڻمرادو طاقتور بڻيل عدليه ۾ مقررين توڙي جوابدهيءَ بابت جهان خاني قانون جهڙي ڪمزور ميڪنزم سميت اهڙا ڪيترائي ٻيا مونجهارا نظرثاني ۽ بهتري جي تقاضا ڪن ٿا۔ هونئن به 73ع واري آئين جي خالقن جي ذھن ۾ خان صاحب جهڙي رانديگر واري سوچ، ذاتي عادتون، عمل، رجحان ۽ غير سياسي “سياسي” سمجھ بابت پيش بندي ڪرڻ جيتري دورانديشي شايد ڪانه هئي۔

هن وقت عدليه جي اندر اختلاف, عدليه ۽ پارليامينٽ جي وچ  ۾ جاري اختيارن جي ڇڪتاڻ ۽ سياسي ڌرين ۾ جاري جنگ، خطرناڪ ملڪي معيشت واري بحران کان به وڏي بحران ۽ آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي۔ ائين پيو لڳي ته هر ڪو ٻئي سان ويڙھ ڪرڻ ۾ مصروف آھي۔ سياستدان ته آھن ئي سهي جي کل پر هن عدليه ۽ ان جي اعليٰ ترين عهديدارن کي ڇا ٿي ويو آھي؟ جو پارليامينٽ کي قانون ٺھڻ کان پهريائين مرضي واري آئيڊيل بينچ جوڙي قانون سازي کان منع ڪري ڇڏجي؟ ڄڻ ته بهار جي موسم کي پابند ڪجي ته هن ڀيري گل نه ٽڙندا! سندن اهڙن فيصلن ۽ قدمن پارليامينٽ کي به طيش ڏياري مڪمل جنگ تي اڀاري ڇڏيو آھي۔ ائين پيو لڳي ته پارليامينٽ جيڪا سڀني ادارن جي ماءُ آھي، اها ٻين سگهارن ادارن جو هڪ طرفو احترام ڪري ڪري هاڻي شايد بيزار ٿي پيئي آھي۔ ان جي هر عمل کي سندس تخليق ڪيل اداري طرفان غير آئيني ۽ ناجائز قرار ڏيڻ سان تعظيم ۽ احترام جهڙا احساس اڳتي هلي عام سائل کان به وسرندا ويندا۔ معاملو اتي اچي پهتو آھي ته سپريم ڪورٽ جا معزز جج عدالتي فيصلن ۾ “ون مين شو، امپيريل ڪورٽ ۽ ڪاري چوغي ۾ منصف” جهڙا لفظ پنهنجي وڏي فيصلا ساز برادر ججن لاءِ لکڻ لڳا آھن ته پوءِ تعظيم ۽ توهين ۾ باقي ڪهڙو فرق بچي ٿو؟ هي ساڳيو اپريل جو مهينو آھي، جنهن جي 4 تاريخ تي آئين عطا ڪندڙ کي 44 سال اڳ ڦاهي ڏني وئي ۽ 50  سال اڳ هي آئين نافذ ڪيو ويو هو۔ الائي ڇو هن ئي مهيني ۾ اعليٰ عدالتن لاڳيتا اهڙا فيصلا ڏنا آھن، جن تي صرف خان صاحب واري ڌر خوش آھي پر مهانگائي ماريل ماڻهو پنهنجي ۽ ملڪ جي مستقبل لاءِ وڌيڪ پريشان ٿي ويا آھن۔ پنجاب ۾ 90 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به 9 مان 3 بچيل جج حضرات تي ٻڌل بينچ اڃا به 90 ڏينهن اندر ئي چونڊ ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ اطلاع مطابق گورنر اسٽيٽ بينڪ کي حڪم ڪيو ويو آھي ته فيڊرل ڪنساليڊيٽيڊ فنڊ مان سڌو سنئون اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري ڪيا وڃن۔ ڏسون هاڻي ڪير ٿو وڃي؟ سڪندر ۽ راجا پورس جي فوجن جي صفبندي مڪمل آھي۔ خدا خير ڪري، ڪٿي هاٿين جي لتاڙ ۾ غريب پيادا نه ماريا وڃن۔ هاڻي  مشورو گهرجي ته آئين جي گولڊن جوبلي ملهايون يا ويهي ماتم ڪريون!؟