حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن، سماج سڌارڪن، وڪيلن ۽ اديبن چيو آھي ته پاڪستان جو آئين توڙي بين الاقوامي قانون تشدد جي اجازت نه ٿا ڏين پر سماج ۾ مختلف خيال رکندڙ ماڻھو تشدد جو نشانو بڻجي ٿو، جڏهن ته جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن به تشدد جو نشانو بڻجڻ سبب اذيت ڀوڳين ٿا. تشدد جو عمل غير آئيني ۽ غير قانوني آھي، جنھن خلاف  سول سوسائٽي کي هاڻي متحد ٿيڻو پوندو. ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر طرفان 26 جون تشدد خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پريس ڪلب ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته تشدد ڪٿي به ٿئي اهو سٺو عمل ناهي. جاچ جي نالي تي پوليس ٿاڻن ۾ تشدد ٿئي ٿو، جيڪو غير انساني، غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آهي، جنهن لاءِ ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ ڊاڪٽر اشور چيو ته  پاڪستان جي آئين ۾ جاچ دوران تشدد ڪرڻ کان سخت منع ٿيل آھن پر جسماني ۽ ذهني تشدد ڪيو وڃي ٿو.  اديب تاج جويو چيو ته پاڪستان  ۾ سالن کان قومي ڪارڪن گم آھن. پروفيسر ڊاڪٽر صائمه جعفري چيو ته تشدد ۾ رياست جو ڪردار آھي. ماڻھن کان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي سول سوسائٽي کي تشدد جي واقعن خلاف متحد ٿيڻو پوندو.