دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي يوسي يار محمد ڪلهوڙو تي چيئرمين تي پي ٽي آءِ جو اميدوار عبدالڪريم لنڊ کنڀجي ويو، اميدوار عبدالڪريم جي وارثن توڙي پي ٽي آءِ دادو جي اڳواڻن پاران خدا آباد، دادو جي بي سيڪشن ۽ ٻين ٿاڻن تان جاچ ڪئي پر پوليس پاران لا علمي ظاهر ڪرڻ تي پي ٽي آءِ دادو جي صدر عاشق حسين زئونر ، امتياز ڏاوڇ ۽ خدابخش لنڊ جي اڳواڻي ۾ وارثن توڙي  ڪارڪنن دادو جي ٻرڙا شاخ وٽ دادو_ ڄامشورو انڊس هاءِ  وي تي  ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته مخالفن پي ٽي آءِ اميدوار کي اغوا ڪرايو آهي، اسان ٿاڻن تان جاچ ڪئي پر پوليس گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪئي، هاڻي بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايچ او چوي ٿو ته عبدالڪريم کي ڄامشورو پوليس گرفتار ڪيو آهي،  هنن چتاءُ ڏنو  ته جيسيتائين اغوا ڪيل اميدوار کي آزاد نه ڪيو ويندو  ڌرڻو جاري رهندو .