اسلام آباد: سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽنگ جي طريقيڪار تي داخل درخواست رد

0
265
اسلام آباد: سمنڊ پار پاڪستانين

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽنگ جي طريقيڪار تي آئيني ترميم خلاف داخل درخواست رد ڪئي وئي آھي

چيف جسٽس اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جسٽس اطھر من اللھ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ ووٽنگ جي لاءِ طريقيڪار تي آئيني ترميم خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو تھ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جو  حق تسليم ڪيو وڃي ٿو پر ڏنو  نٿو وڃي، قيامت تائين سمنڊر پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق نھ ڏنو ويندو

درخواستگذار جي وڪيل چيو تھ پارليامينٽ بدنيتي سان سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو معاموو ٻيھر زيرو تي پھچائي ڇڏيو آھي، وڪيل جي بيان تي جسٽس اطھر من اللھ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو تھ پارليامينٽ جي قانون سازي کي بدنيتي نٿو چئي سگھجي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي آھي