سجاول (رپورٽر) استادن جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پاران سجاول  تعلقي کي اسٽيڊا ٽريننگ ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف  3 ڪلو ميٽر پيادل لانگ مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي حبيب الله رانٽو، معشوق ٻگھيو، شڪيل توفيق گهوٽو، دودو لغاري، اسلم هالو، راشد، عليم خاصخيلي، اياز ڪوريجو سهيل، رميز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪيترن ئي تعلقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪافي جاين تي وري 33 کان 39 تائين نمبر کڻندڙ اميدوارن کي ٽريننگ ڏئي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو موقعو پڻ ڏنو ويو آهي. پر تعلقي سجاول جا نوجوان سان امتيازي سلوڪ ڪندي انهن کي ٻنهي موقعن کان محروم  آهن. هنن مطالبو ڪيو ته  سجاول تعلقي کي فوري طور هارڊ ايريا ۾ شامل ڪري اميدوارن ۾ ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.