تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟

0
217
تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟

 “۱۹۷۱ع ۾ پاڪستان ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو ھو، پر ھاڻي ڇا اھو چئن حصن ۾ ورھائجي ويندو؟” ھي اھو سوال آهي جيڪو اڄ بين الاقوامي ميڊيا تي انڊيا جي انگريزي چئنل گريويتاس Gravitas زير بحث آندو آهي؟

                 اسان بلاشڪ چئي سگھون ٿا ته اھا ھڪ دشمن ملڪ جي پروپئگنڊا آھي، پر ڇا اھو سچ ناهي ته ان بحث جو آغاز خود پاڪستان جي حڪمرانن ڪيو آهي ۽ ان لاءِ مسلسل مواد به دوست دشمن ملڪن کي پاڻ وافر مقدار ۾ مھيا ڪري رھيا آھن؟

                 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ پاڪ فوج جي  سربراهه  جنرل نيازيءَ پاران انڊين فوج جي جنرل اروڙا آڏو ھٿيار ڦٽي ڪرڻ جي معاهدي تي صحيح ڪري پاڪستان کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي عمل جي توثيق ڪئي ۽ ايئن پاڪستان جي وڏي آباديءَ جي اڌ تي مشتمل اوڀر پاڪستان دنيا جي سياسي نقشي تي ھڪ نئون ملڪ بنگلاديش بڻجي اڀريو جيڪو اڄ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پاڪستان کان اڳتي نڪري ويو آهي ۽ باقي بچيل اولھه پاڪستان ئي پاڪستان جي طور سياسي نقشي تي اڃان موجود آهي جنھن لاءِ سوال  ۽ بحث جو آغاز خود پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان پاڻ اقتدار کان بيدخل ٿيڻ کان پوءِ فوري طور شروع ڪري ڏنو آهي. ھن پاڪستان جي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ اڄ انڊين ٽي وي چئنل چئن حصن ۾ ورھائجي وڃڻ جو سوال اٿاريو. ھاڻي فيصلو اوھان پاڻ ڪيو ته تباهيءَ جا داستان بيان ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪير پيو ڪري؟

۱۵ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ٺيڪ 24 سال 4 مھينا پنهنجي حياتيءَ جا گذاري قائداعظم محمد علي جناح جو پاڪستان الله کي پيارو ٿي ويو ۽ 16 ڊسمبر 1971ع تي نئون پاڪستان وجود ۾ آيو جنهن کي عمران خان پراڻو پاڪستان سڏي وري ھڪ نئون پاڪستان اڏڻ جا خواب ڏيکاري اقتدار جي مسند تي ويٺو پر 10 سالن واري عمراني باجوائي پروجيڪٽ جو حشر ۽ پاڪستان جي تباهيءَ جو منظر اوھان جي اکين آڏو آهي. ڪو ڏينهن خالي ناھي جو ان تي بحث نه ٿيندو ھجي ته پاڪستان جي معيشت جو ڪڏھن ٿو ڏيوالو نڪري. غور طلب ڳالهه اھا آھي ته ملڪي توڻي بين الاقوامي ميڊيا توڻي عوامي ۽ رياستي سنجيده فورمن تي بحث جي ۽ خاص طور سوالن جي نوعيت ڇا آهي؟

ھاڻي گھڻو تڻو بحث اھو نه پيو ٿئي ته پاڪستان جي معيشت جو ڏيوالو نڪرندو يا نه پر سوال اھو پيو اٿاريو وڃي ته ڪڏھن؟ عمران خان ته مسلسل بيان ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان سريلنڪا جيان ڊيفالٽ ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي جڏھن ته شبر زيدي صاحب فرمائي ٿو ته پاڪستان جي معيشت ڊسمبر ۲۰۲۱ع ۾ عملي طور ڊيفالٽ ڪري چڪي آهي ۽ ھاڻي اھا وينٽيليٽر تي آهي يعني پئي کڻي پساهه! ان قسم جو ھڪڙو بيان ته مريم نواز به ڏنو ھيو ته پاڪستان وينٽيليٽر تي اچي ويو آهي، تڏھن مريم نواز اقتدار کان ٻاھر ھئي ۽ عمران خان اقتدار جا مزا وٺي رھيو ھو. ھاڻي مائي مريم اقتدار ۾ آھي  ۽ سندس خزاني جو وزير مسڪين اسحاق ڊار سڀني کي منٿون ٿو ڪري ته ٻيلي ڏاھا ٿيا معيشت جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون ڳالهيون ڪري ملڪ ھٿان نه وڃايو پر سندس ڪير ٿو ٻڌي؟

۷۵ سالن جي پوڙهي ملڪ جي مختصر تاريخ تي نظر وجھو ته اوھان کي صاف نظر اچي ويندو ته ھن ملڪ جي معيشت، سياست ۽ معاشري جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي ھن ملڪ کي مال غنيمت سمجھندڙ مڪار، منافق ۽ ڪرپٽ سياستدانن، ججن، جنرلن ۽ ڪامورن. اڄڪلھه سياستدان، جج ۽ جنرل ته خوب زير بحث اچن ٿا پر ڪامورا پنھنجو ڪم خاموشيءَ سان ڪندا رھن ٿا.

 Behind every action of state, you will find an invisible hand of beurocrat.

رياست جي ھر قدم پويان اوھان کي ڪامورا شاهيءَ جو لڪل ھٿ ضرور ملندو. ڪھڙي به نوع جي رياست ھجي ان جو ڪار وهنوار ڪامورا شاهيءَ جي ھٿن ۾ ئي ھوندو آھي. جن جي ھٿن ۾ رياست جو ڪار وهنوار ھجي اھي ھر قسم جا ڪرشما سرانجام ڏئي سگھن ٿا. ترقيءَ جا به، تباهيءَ جا به. ھن وقت جڏھن پاڪستان جو وجود سواليه نشان بڻجي زير بحث اچي ويو آهي ان وقت وري سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جي اڃان وڌيڪ ڦرلٽ لاءِ پاڪستان جي بيوروڪريسي نوان گھاٽ گھڙي باقي ڪم به لڳي ٿو تمام ڪرڻ چاھي ٿي. پاڪستان جي ڪامورا شاهي ھونئن ته سست روي  Red tapism لاءِ بدنام آھي  پر جنهن چابڪدستي جو مثال ان ۹ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي پيش ڪيو آهي اھو ڪمال معجزو آهي. ان ڏينھن تي سنڌ اسيمبلي خاموشيءَ سان ٻه ٺھراءُ پاس ڪري ٿي ۽ ان ئي ڏينھن تي سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري مسٽر جي ايم عمر فاروق پنهنجي صحيح ۽ سرڪاري ٺپي  سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڏانھن انھن ٺھرائن جو نوٽيفڪيشن روانو ڪري ٿو.

چيف سيڪريٽري سنڌ جي پي ايس طرفان ۹ ڊسمبر تي وصول ڪيل ليٽر نمبر No.PAS/LEGIS-G-29/2022/788 ۾ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي لکي ٿو ته “مان ھن ليٽر ذريعي اوهان کي آگاھي ٿو ڏيان ته سنڌ اسيمبلي پنهنجي ۹ ڊسمبر واري ويهڪ ۾ ھيٺيون ٺھراءُ پاس ڪيو آهي جيڪو مڪيش ڪمار چاولا، وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس، فوڊ ۽ پارلياماني افيئرز طرفان پيش ڪيو ويو:

اسلامي جمھوريه پاڪستان جي ۱۹۷۳ع جي آئين جي شق ۱۴۴ تحت مليل اختيار استعمال ڪندي سنڌ اسيمبلي اھو ٺھراءُ منظور ڪري ٿي ته مجلس شوريٰ (پارليامينٽ) قانونسازي ذريعي سنڌ صوبي، ۽ ان طرح پاڪستان جي فيڊريش ۾ سرمائيڪاري جي ترقي ۽ حوصلا افزائي کي ريگيوليٽ ڪري سگهي ٿي ۽ ان لاءِ ھيٺيان قدم کڻي سگهي ٿي:

۱.) اھا (يعني قومي اسيمبلي) سنڌ ڪمپنيز پرافٽس (ورڪرز پارٽيسيپيشن) ائڪٽ ۲۰۱۵، سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ائڪٽ ۲۰۱۴، ۽ سنڌ ڊيولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفرا اسٽرڪچر سيس ائڪٽ ۲۰۱۷ ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي.

۲.) اھا سنڌ ڊيولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفرا اسٽرڪچر سيس ائڪٽ ۲۰۱۷، سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ائڪٽ ۲۰۱۴، اسٽيمپ ائڪٽ ۱۸۹۹، سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ ۲۰۱۱  تحت ٽيٿيان ڪاپر ڪمپني ۽ ان جي شيئر ھولڊرز سان تنازعي کي طئي ڪرڻ لاءِ کين استثنا، رعايتون ۽ فائدا مھيا ڪري سگهي ٿي.

۳.) اھا ڪنھن به استثنا يا رعايت کي، جيڪا ھن اسيمبلي جي ليجسليٽو ڪامپيٽنس جي دائري ۾اچي ٿي، ان کي فارين انويسٽمينٽ (پروموشن ۽ پروٽيڪشن) ائڪٽ ۲۰۲۲ تحت تحفظ مليل معاھدو Protected Benefit قرار ڏئي سگھي ٿي.”

يعني ھن ٺھراءَ ذريعي سنڌ اسيمبلي پنهنجا مخصوص قانونسازي وارا اختيار قومي اسيمبلي ڏانهن يعني پنجاب ۽ وفاق ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيا آهن ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ آمدني متعلق وفاق کي قانونسازي ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي جنھن لاءِ اھو عذر پيش ڪيو پيو وڃي ته اھي ته فقط ٽيٿيان ڪمپني سان ريڪوڊڪ جي معاملي تي وفاق پاڪستان سان ٿيل تنازعي جي حل لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبلي سھولتڪاري مھيا ڪري ڪئي آھي. اھڙيون  سھولتڪاريون  مھيا ڪرڻ جي بدلي ۾ ئي ته پيپلز پارٽيءَ کي بار بار اقتدار ۾ رھڻ جو پروانو ملندو آهي ۽ زرداريءَ کي “مفاھمتي سياست جو  مھرو” ھئڻ جو سرٽيفڪيٽ ملندو آھي ۽ سندس چالاڪي يعني ضمير فروشي تي کيس ملڪي ميڊيا طرفان داد ملندو آهي. بس اھڙي ئي آھي اسان جي قومي ميڊيا جيڪا اھڙي سودي بازيءَ تي کيس بادشاهه گر سڏي ٿي.

ھن ٺھراءُ ۽ اھڙي ئي ھڪ ٻئي ٺھراءُ جنهن کي ليٽر نمبر 789 ذريعي نوٽيفاءِ ڪيو ويو آهي تنھن تي باريڪ بينيءَ سان غور ڪيو ته توھان تي اھا حقيقت کلي ويندي ته زرداريءَ کي چوٿون ٽينيوئر به اقتدار ۾ رکڻ جو آسرو ڏئي  بيوروڪريسي ڳجھه ڳوهه ۾  سنڌ اسيمبلي ذريعي اھڙو قانوني رستو کولي ورتو آهي جنهن ذريعي بنا ڪنھن آئيني ترميمي جھنجھٽ جي عملي طور 18ترميم ۾ مليل صوبائي خودمختياريءَ کي رول بيڪ ڪيو ويو آهي. ان خطرناڪ سازشي ٽڪساٽ لاءِ پھريون قدم زرداريءَ معرفت سنڌ اسيمبلي کان کڻايو ويو آهي ۽ پوءِ وارو ايندو بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلين جو. يعني پنجاب ته 18 ترميم ذريعي مليل صوبائي خودمختياريءَ جو مزو ماڻيندو رھندو ۽ 1973ع جي آئين تحت مليل وفاقي اختيارن کي به پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪندو رھندو پر سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کان بوقت ضرورت پنھن جا اختيار وفاق ڏانهن منتقل ڪرايا ويندا. ھي قدم 18ھين آئيني ترميم جي خاتمي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ھن  طريقه واردات تحت وفاق ۽ پنجاب جڏھن چاھيندو سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي ويڪائو  سياستدانن کي استعمال ڪري سندن وسيلا ۽ اختيار عظيم تر ملڪي مفاد خاطر بظاهر عارضي ۽ مخصوص وقت لاءِ کانئن رضا خوشيءَ سان پنهنجي اختيار ھيٺ آڻيندو ۽ سڄو رت چوسي چوندو آئين تحت اختيار ته صوبن کي مليل آھن پر اتي جي عوام جا چونڊيل حڪمران پاڻ ملڪي مفادن خاطر مليل اختيار اسان جي حوالي ڪن ٿا ته ضرور نيڪ ڪم ڪن ٿا ، توھان انھن تي اعتراض واري ملڪ دشمني ڪيو ٿا!!

 ائڌيئن سازشي قانون سازي ذريعي پنهنجي ئي جوڙيل جھان جو ڏيئو گل ڪري، آئين پاڪستان کي مذاق بڻائي، وفاق پاڪستان کي ڪمزور ڪري ملڪ دشمني ۽ ملڪ جي تباهي ڪير ڪري رھيو آھي ان لاءِ 1971ع جي تاريخ به گواھ آهي،  زمان حال جي تاريخ به گواھه آهي ۽  باقي حوال  ته پوسٽ مارٽم کان پوءِ ئي ٿي سگهندا.