سستي اٽي ماڻهو رُلايا…!

0
217
سستي اٽي ماڻهو رُلايا...!

 سنڌ ۾ ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو ته بنا ڪنهن دانهن ۽ احتجاج جي ڪو مسئلو بغير ڌيان ڇڪائي نوٽيس کانسواءِ حل ڪيو وڃي، جيستائين مسئلن جي حل لاءِ ڪو سگهارو آواز ناهي اٿندو، تيسين حڪمران به خاموش تماشائي هوندا آهن ۽ اهو سلسلو اڄ به برقرار آهي، سنڌ ۾ هونئن ته ڪيئي مسئلا آهن، پر  هن وقت اهم اشو اٽو آهي ۽ اُن اٽي جي حاصلات لاءِ ماڻهن جون حيايتون داءُ تي لڳل آهن، پر بيحس حڪمران اُن معاملي تي اکيون ٻوٽيل نظر اچي رهيا آهن، پ پ قيادت به معاملي کان اڻڄاڻ آهي، اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو ته پوءِ اُهو مسئلو ڪير به حل نه ڪرائي سگهندو.

                 سنڌ ۾ تازو اٽي جو بحران پيدا ڪري غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ دربدر آهي، پر سنڌ جا حڪمران اٽي بحران تي نوٽيس وٺڻ بدران ٺلها اعلان ڪري پنهنجي جان آجي ڪرڻ ۾ مصروف آهن، سنڌ ۾ هن وقت اٽي جو في ڪلو جيڪو سرڪاري اگهه تي 65 رپين جي حساب سان وڪرو ٿيڻ گهرجي، پر منافعي خورن ڊيلرن ۽ چڪي مالڪن جي هٺ ڌرمي سبب اٽو في ڪلو 150 رپين کان 160 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، پورهيت طبقو جيڪو ڏهاڙي دار آهي، جنهن جي مزدوري 500 رپيا هجي، اُهو اٽي جي 10 ڪلووارو ٿيلهو ڪٿان خريد ڪري سگهندو؟ ڳالهه رڳو اٽي خريد ڪرڻ جي ناهي، زندگيءَ گذارڻ لاءِ گهٽ آمدني مان گهر جا خرچ هلائڻ به هڪ وڏي مصيبت آهي، ملڪ پهرين ئي بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهي، فيڪٽريون توڙي نجي ادارا مالي بحرانن جي ور چڙهيل آهن، حڪومت ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته صوبي اندر 65 رپين جي حساب سان في ڪلو اٽو وڪامجي رهيو آهي، پر اهو صرف بيانن تائين ئي محدود آهي، سرڪار ته اها به دعويٰ ڪري ٿي ته وڏن شهرن ۾ سستي اٽي جا اسٽال به لڳايا ويا آهن، جتي غريب ماڻهن کي سستي اگهه تي اٽو فراهم ٿي رهيو آهي، حڪومتي دعوائن تي جيڪڏهن نظر ڦيرائجي ته ميرپورخاص وارو معاملو سڀني جي سامهون آهي، جتي سستو وٺڻ لاءِ آيل پورهيت هرسنگهه ڪولهي بدنظمي پيدا ٿيڻ ڪري پنهنجي زندگيءَ وڃائي ويٺو، هرسنگهه ڪولهي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته هو 9 ٻارن جو پيءُ هو، کيس 7 نياڻيون هيون، جيڪو سستي اٽي واري اسٽال تان اٽو خريدڻ آيو هو، پر کيس اٽو ته نه مليو، پر کيس موت مليو، قاضي احمد ۾ به عورتن جي پيهه دوران ٽي عورتون مرڻينگ ٿي پيون، مٽياري، ٽنڊوباگو سميت سنڌ جي اڪثر علائقن مان اِهي خبرون مليون آهن ته حڪومتي اسٽالز تي وڏي رش رهي ٿي ۽ عوامي سهولتن جا ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، حڪومت سنڌ جي دعوائن کي اهڙن واقعن ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ اڄ به سستي اٽي لاءِ احتجاج جاري آهي، بدترين بحراني ڪيفيت مان گذرندڙ سنڌ صوبو جيڪو خوشحال آهي، پر وقت جي حڪمرانن جنت بڻيل ڌرتي کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي، هر ماڻهو پريشان آهي، پر ڪي به مسئلا نه پهرين حل ٿيا ۽ نه ئي هاڻي وري حل ٿي رهيا آهن، مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، سنڌ پهرين ئي ٻوڏ کي ڀوڳيو آهي، هزارين ماڻهن جا اجها تباهه ٿي ويا، بيروزگاري وڌي، غربت ۾ واڌ ٿي، حڪمرانن اُنهن جي نالي ماتر مدد ڪئي، هن ٿڌ واري مند ۾ اُهي متاثر اڃا تائين مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن، پر سندن ڪٿان به ڪا مدد نه پئي ٿئي، سنڌ ۾ هر روز نوان مسئلا جنم پيا وٺن، هر مسئلي تي حڪمران ڌر پنهنجو عجيب منطق پيش ڪندي رهندي آهي، اٽي جي شديد بحران واري صورتحال تي به سنڌ حڪومت جو انفارميشن وزير شرجيل ميمڻ چوي ٿو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي اٽو 65 ڪلو جي حساب سان ملي رهيو آهي، شرجيل ميمڻ کي الائي ڪير پيو اهڙي آگاهي ڏئي، ڇا کيس سنڌ اندر ٿيندڙ احتجاج نظر نه پيو اچي؟ ڇا کيس اها خبر ناهي ته اڄ به دڪانن تان 150 رپين کان 160 رپين تائين اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، منافعي خورن فلور ملز مالڪن ۽ ڊيلرن ذخيرا اندوزي ڪري ڇڏي آهي، ڇا اُنهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي آهي؟ خوراڪ جو وزير مڪيش ڪمار به دعويٰ ڪري رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي، مارچ تائين اٽو سرڪاري اگهه تي ملندو رهندو.

حڪومتي دعوائن کي ڏسجي ته صوبي اندر اُن جي ابتڙ ڪم هلي رهيو آهي، ماڻهو روٽي لاءِ پريشان آهن، پر حڪمرانن کي ڪو احساس ئي ناهي، سنڌ جي وڏي وزير به نالي ماتر نوٽيس ورتو، چيف سيڪريٽري سنڌ کي اهم هدايتون جاري ڪيون هيون پر اُن تي به اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي اٽي جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪميٽي جوڙي وئي آهي،  ڊي سيز کي جيڪي حڪم جاري ڪيا ويا، اُن تي به اڃا تائين عمل ناهي ٿي سگهيو، آخر ڪيستائين اهو سلسلو هلندو رهندو، غريب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي، کين اٽي لاءِ نه رلايو وڃي، سرڪار جو جيڪو ڪم آهي، اُهو کين ڪرڻ گهرجي، شرجيل ميمڻ ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي وڌيڪ گاڏين جي خريداري لاءِ هڪ ارب 43 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي تجويز ڏني هئي، حڪومت کي اُهي پئسا بسون خريد ڪرڻ بدران  سستي اٽي لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ماڻهو زنده هوندا ته اُهي بسن ۾ سفر ڪندا، زندگيءَ ئي نه هوندي ته پوءِ ڪير اُنهن گاڏين ۾ سفر ڪندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خود اُن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پيپلز پارٽي چيئرمين سدائين دعويٰ ڪندو آهي ته پ پ اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري تي عمل پيرا آهي، پر اُهو نعرو سنڌ ۾ هاڻي پنهنجي افاديت ۽ اهميت وڃائي ويٺو آهي، سنڌ سرڪار عوام کان پهرين ٻوڏ واري صورتحال ۾ اجها کسيا، هاڻي اٽو غائب آهي، باقي رهندو لٽو، ڇا مستقبل ۾ اهو به منصوبو ٿي سگهي ٿو ؟ پيپلز پارٽي قيادت کي صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي،غريب ماڻهو اٽي لاءِ دربدر آهن، اُنهن کي اٽو ڏيو، اٽي لاءِ نه رلايو.