لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا پاران پاران رتوديرو، نئون ديرو روڊ، لاڙڪاڻو رتوديرو روڊ، لاڙڪاڻو – قمبر روڊ ۽ قمبر شهدادڪوٽ روڊ تي قائم ڪيل ڪيمپن ۾مريضن کي طبي امداد سان گڏ دوائون ڏنيون ويون. هوڏانهن لاڙڪاڻو اسٽيڊيم ۾ قائم خيمه بستيءَ ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پاران قائم ڪئمپ اسپتال ۾ ٻارن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ وارڊ قائم ڪرڻ سان گڏ عورتن لاءِ ويم گهر، عام او پي ڊي، چمڙيءَ جي بيمارين جو وارڊ ۽ گيسٽرو جا وارڊ ٺاهيا ويا آهن. ڪئمپ اسپتال ۾ مجموعي طور 295 مريضن کي طبي امداد ڏني وئي جن ۾ 39 ڳورهارين عورتن ۽ ٻارن سميت ڪتي جي ڏاڙهيل مريضن، چمڙيءَ جي بيمارن، الٽين دستن جي مريضن جو علاج ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون. هوڏانهن وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءُ الرحمان ڪئمپ جو دورو ڪيو سهولتن جو جائزو ورتو.