شڪارپور (رپورٽر )  ففٿ سول جج شڪارپور ۽ سٽيزن ڪاميٽي سربراھ عبدالحفيظ چاچڙ بينظير ٽائون  ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، متاثرن سھولتون نه ھجڻ جون دانھون ڪيون، ٻوڏ متاثرن دانھيندي چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ اونداھ آھي ٽرانسفارمر لڳل آھي لائيٽون لڳرايون وڃن، راشن ڏنو وڃي ۽ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي، ان موقعي تي سول جج عبدالحفيظ چاچڙ، ڪاميٽي ميمبر ايڊمنسٽريٽر ميونسپل کي حڪم ڏنو ته ٽينٽ سٽي ۾ لائيٽنگ لڳرائي وڃي، نون آيل ٻوڏ متاثرن کي رجسٽرڊ ڪري راشن ڏنو وڃي ۽ شام جو مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي، انتظاميا پاڻ سروي ڪري جنھن جو گھر برساتي پاڻي کان آجو ھجي، پنھنجي مرضي سان گھرن ڏانھن وڃي سگھي ٿو،  سول جج چيو ته بيمار مريضن کي سول اسپتال منتقل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ ميڊيڪل ڪيمپ جو معائنو پڻ ڪيو ويو.