جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو ضلعي انتظاميا پاران شڪارپور روڊ تي قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو دوري دوران متاثرن سيشن جج آڏو بجلي ۽ ڊاڪٽرن نه هئڻ سميت ٻين سهولتن جي اڻهوند بابت شڪايتون ڪيون، متاثرن دانهيو ته بجلي ۽ ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون جنهن تي سيشن جج انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪئي ته فوري طور بجلي بحال ڪري ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ۽ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي سيشن جج متاثرن کي ملندڙ کاڌي جو معائنو ڪيو.