بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي طبيعت انتهائي خراب

0
144
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي طبيعت انتهائي خراب
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي طبيعت انتهائي خراب

ڍاڪا: بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي صحت انتهائي خراب ٿي وئي آهي

خبر ايجنسي موجب خالده ضياءَ انفيڪشن ۽ ساهه کڻڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، سندس حالت بگڙجندي پئي وڃي ۽ سندس جان کي خطرو آهي

خبر ايجنسي موجب خالده ضيا جگر، شوگر ۽ دل جي مسئلن کي به منهن ڏئي رهي آهي

واضح رهي ته بنگلاديش جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهندڙ 78 سالن جي خالده ضياءَ 2020 ۾ 17 سالن جي قيد مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ گهر ۾ نظربند آهي، بنگلاديشي حڪومت گذريل هفتي سندس پرڏيهه علاج جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي