پارليامينٽ سٺي نيت سان قانونسازي ڪئي آهي، پارليامينٽ کي چئون ٿا ته نمبر گيم پوري هجڻ گهرجي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
136
نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت
نيب ترميمن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت

پارليامينٽ سٺي نيت سان قانونسازي ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪو مريض مري رهيو هجي ته ميڊيڪل جي سمجهه رکندڙ رڳو ان ڪري مريض کي مرڻ ڏئي ته هو ڊاڪٽر نه آهي؟

پارليامينٽ کي چئون ٿا ته نمبر گيم پوري هجڻ گهرجي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ آئين کان مٿانهان رولز ٺاهيندي ته ڪير ته اهو ياد ڏياريندو ته آئين جي دائري ۾ رهو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پارليامينٽ رولز نه ٿي ٺاهي سگهي ۽ نه وري رولز ٺاهڻ لاءِ قانونسازي ڪري سگهي ٿي، هاڻوڪي قانون جي دائري ۾ رهندي رولز ۾ تبديليءَ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي

سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيو ته آئين مان آئين ۽ قانون موجب رولز ٺاهڻ جا لفظ هٽايا وڃن ته به فرق نه پوندو، چيف جسٽس چيو ته بس ٺيڪ آهي جواب اچي ويو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هڪ ٻيو سوال آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي اختيار کان تجاوز ڪندي قانون ٺاهي سگهي ٿي؟ آئين سپريم ڪورٽ کي آئين ۽ قانون مطابق رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائي ٿو، ڳالهه ختم، عابد زبيري چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ رولز ٺاهي ورتا ته پوءِ انهن کي قانون ذريعي بدلائي نه ٿو سگهجي

سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀاڻي ساڍا 11 وڳي وڪيلن کي ٻڌنداسين، متحده جي وڪيل چيو ته سڀاڻي منهنجا به دليل ٻڌا وڃن، چيف جسٽس چيو ته اِن جو فيصلو سڀاڻي ڪنداسين

هن کي به پڙهندا

چيف جسٽس ۽ درخواست گذار جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ