بم جو جواب بيت ۽  ڌماڪي جو جواب ڌمال سان ڏينداسين: سردار شاهه

0
130
بم جو جواب بيت ۽  ڌماڪي جو جواب ڌمال سان ڏينداسين
بم جو جواب بيت ۽  ڌماڪي جو جواب ڌمال سان ڏينداسين: سردار شاهه

ڪراچي: سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سردار چيو آهي ته اسان ثقافتي ميلا بند نه ڪنداسين، هزارين سالن کان جاري ڌمال بند نه ٿيندي

ڪراچي ۾ ايس ايل ايف ۾ خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته جڏهن ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سرگرميون شروع ٿينديون آهن ته ڪجهه قوتون سامهون اچي اُن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن

سردار شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافتي پروگرامن جي مخالف ڪا نئين ڳالهه ناهي، اسان وڏي عرصي کان عدالت جي فيصلن سميت اهڙي قسم جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون

صوبائي وزير چيو ته ننڍي کنڊ ۾ جيڪڏهن ڪنهن انتهاپسندي، بنياد پرستي ۽ تشدد جو مقابلو ڪيو آهي ته اُهو رڳو ثقافتي ماڻهن ڪيو آهي

هن چيو ته اوائلي زماني ۾ موجوده دور جيان فيسٽيول ته ڪونه هوندا هئا پر فقيرن ۽ درويشن جا ميلا ضرور هوندا هئا

سردار شاهه چيوته جڏهن ڌماڪو ٿئي ته سموري دنيا ۾ سڀ شيون رُڪجي وڃن ٿيون، ڪاروبار بند ٿي وڃن ٿا، قلندر جي درگاهه تي ڌماڪو ٿيو، پر هڪ سيڪنڊ بعد قلندر جي ڌمال شروع ٿي وئي

سردار شاهه چيو ته اسان جو پيغام آهي ته اسين ڌماڪي جو جواب ڌمال سان ڏينداسين، بم جو جواب بيت سان ڏينداسين

صوبائي وزير عدالتي فيصلي تي ڳالهائيندي چيو ته ٺيڪ آهي سڀ ڪجهه بند ٿا ڪري ڇڏيون، سنڌ ۾ ڪابه ثقافت جي حوالي سان سرگرمي نه ٿيندي ته پوءِ ڪنهن کي اسپيس ملندو؟، ڪير مضبوط ٿيندو؟، اِنهن سوالن جو جواب اُنهن سڀني کي ڏيڻو پوندو، خاص طور هڪ اُن ٽولي ۽ ذهنيت جي اثر جيڪڏهن عدالت به آهي ته اُن کان جواب ضرور گهنداسين