اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان ۾ بارشن سبب تباهي باوجود بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم جي  هار سينگار ڪري پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي تنقيد ڪئي وئي، فرح عظيم اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد ڪندي چيو ويو ته بلوچستان ۾ تباهي ٿي رهي آهي ۽ بلوچستان حڪومت جي ترجمان مڪمل ميڪ اپ ۽ هار سينگار ڪري پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهي، بلوچستان بدران اسلام آباد ۾ موجود آهي. جڏهن ته پريس ڪانفرنس دوران بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه ناراض بلوچن کي هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو بيروني سازشن جو شڪار آهن، کين هٿ ٻڌي چوان ٿي ته قومي ڌارا ۾ شامل ٿين، سامهون هجان ها ته پنهنجي چادر جو واسطو ڏيان ها جيڪا بلوچ روايت آهي.