سکر(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي بعد سکر بئراج وٽان نامعلوم لاش ملڻ وارو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو،3 ڏينهن به سکر بئراج جي مختلف گيٽن وٽان وڌيڪ 7 نامعلوم لاش موجود هجڻ جو ايڌي، سکر بئراج انتظاميا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس مقامي ٽوٻن ۽ ايڌي جي رضاڪارن جي مدد سان بئراج جي گيٽ نمبر 41، 42. 28. 27  ۽ 26 مان 5 نامعلوم لاش ڪڍيا ويا،  هٿ آيل لاش سکر ۽ روهڙي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، گذريل ٻن ٽن ڏينهن ۾  10 نامعلوم لاش سکر بئراج مان ڪڍيا ويا آهن. گذريل ٽن ڏينهن ۾ مجموعي طور تي سکر بئراج وٽ 15 نامعلوم لاش لڙهي آيا، جن مان ايڌي سکر جي سرڪل انچارج گل مهر موجب 5 عورتن سميت 10 لاش ڪڍيا ويا آهن. جڏهن ته باقي لاش پوليس ۽ مقامي ٽوٻن جي مدد سان ريسڪيو ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، گل مهر موجب پوليس هٿ آيل لاش لاوارث ڄاڻائي قانوني ڪارروائي بعد ايڌي حوالي ڪري ڇڏيا جيڪي پوليس جي نگراني غسل ۽ ڪفن ڏيڻ بعد قبرستان ۾ دفنايا ويا آهن. هوڏانهن پوليس جي لاءِ سکر بئراج مان نڪرندڙ نامعلوم لاشن جي سڃاڻپ چئلينج بڻيل آهي ته هٿ آيل نامعلوم عورتن ۽ مردن جي قتل ڪري ڦٽو ڪيو ويو هو يا وري هو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن. ٻي طرف  سکر ۽ روهڙي کي ملائيندڙ لينس ڊائون پل کي انتظاميا عوام لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سکر، روهڙي ۽ پنوعاقل طرف ايندڙ ويندڙ شهري سخت پريشانين ۾ مبتلا رهيا. ان ڏس ۾ ترقياتي ڪم سبب تاريخي لينسڊائون پل جا سکر ۽ روهڙي وٽان گيٽ بند ڪري عوام، ٽريفڪ لاءِ پل کي بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي بند ڪيو ويو. ساڳي وقت روهڙي طرف ويندڙ متبادل رستو سکر بئراج کي به انتظاميا رڪاوٽون رکي عوام لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سان عوام جي تڪليفن ۽ اهنجن ۽ اضافو ٿي ويو. ان حوالي سان شهرين  ستار زنگيجو، سيد جواد شاهه، اظهر دايو، غلام مصطفيٰ چوهاڻ ۽ ٻين چيو ته  انتظاميا کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي، بنا اطلاع جي لينسڊائون پل جا سکر ۽ روهڙي وٽان گيٽ بند ڪرڻ عوام کي هٿ وٺي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪرڻ آهي. هوڏانهن پوليس موجب ته لينسڊائون پل تي تعميرات وارو ڪم هلي رهيو آهي ۽ سکر  بئراج جي گيٽن ۾ ڦاٿل لاش ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو سبب بئراج وارو روڊ بند ڪيو ويو آهي. ڪافي ڪلاڪن کان پوءِ سکر بئراج وارو روڊ عوام جي احتجاجي  بعد عوام لاءِ کوليو ويو.