ڪوئيٽا/جيڪب آباد/ شهدادڪوٽ (نمائندن وٽان) بلوچستان ۾ برساتي ٻوڏ جي تباهي 126 جانيون کسي وئي، هزارين خاندان بي گهر، فصل، روزگار ختم، وزيراعظم شهبازشريف دوري تي پهتو، في فوتي جي وارثن لاءِ 10 لک ۽ تباهه گهر لاءِ 5 لک امداد جو  اعلان ڪيو ويو. برسات ۽ ٻوڏ بلوچستان جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن جا وهڪرا ڪيترائي نه مٽجندڙ نقش ڇڏي ويا، هر طرف تباهي جا منظر، ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري سڃاڻپ وڃائي ويٺا،  نوشڪي ۾ ماڻهن جا اجها اجڙي ويا، سڄي زندگي جي جمع پونچي ٻڏي وئي، اوٿل ۾ ٻوڏ جا وهڪرا گهرن کي ڪک وانگر لوڙهي ويا، رهواسي بيوسي جي تصوير بڻجي ويا، اکين سان بربادي جا منظر ڏسندا رهيا، جن جا پنهنجا گهر هئا، اهي خيمن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا، ماڻهن جي روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا، فصل، انگور ۽ صوفن جا باغ اجڙي ويا،مستونگ ۾ به باغن، سبزين ۽ فصلن جي جاءِ تي بربادي ئي بربادي رهجي وئي. مستونگ ۾ لڪ پاس جو بند ٽٽي پيو، وهڪرو ڪسٽم ويئر هائوس ۾ دخل، زرعي مشينري برباد ٿي وئي، خضدار ۾ فصل، گهر، زرعي مشي تباهه ٿي وئي، پاڻي مسلم باغ جي تعليمي ادارن ۽ عدالتي ڪامپليڪس تائين پهچي ويو، ڪان مهترزئي ۾ بجلي جا 50 ٿنڀا لوڙهي ويا، دالبندين ۾ پاڻي جا وهڪرا ريلوي ٽريڪ کي لوڙهي ويو، جنهن سبب پاڪ، ايران ريلوي سروس معطل ٿي وئي آهي، ڪوئيٽا کان زيارت ويندڙ روڊ به سخت متاثر ٿيو آهي، لسٻيله ۾ قومي شاهراهه ڪيترن ئي هنڌن تي ڀرجي ويو، درجنين مال بردار گاڏيون رستي ۾ روڪيون ويون. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، جتي هن متاثر علائقن جو فضائي جائزو به ورتو. متاثر علائقن جي دوري دوران بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته وزيراعظم امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شهباز شريف مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات به ڪئي ۽ في فوتي جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سان تباهه ٿيل گهرن جي اڏاوت لاءِ 5-5 لک رپيا ڏينداسين ۽ جن گهرن کي جزوي نقصان پهتو، انهن کي 2 لک رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان حڪومت به ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي 10-10 لک رپيا امداد ڏيندي، فصلن جي تباهي ۽ چوپايو مال مرڻ جي معاملي تي ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي چئني صوبن سان مشاورت ڪري سروي ڪنديون، اهي ڪاميٽيون آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومتن سان به مشاورت ڪنديون. شهباز شريف چيو ته ڪوئيٽا، قلعي سيف الله ۽ لسٻيلي ۾ وڏي تباهي آئي آهي، برساتن 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، بلوچستان حڪومت سان گڏجي ڀرپور ڪم ڪنداسين، سڄي پاڪستان ۾ 300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 124 ماڻهو فوت ٿيا آهن.