لاهور (م ڊ) لاهور جي عدالت ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي فرد جرم لاءِ طلب ڪري ورتو. لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت ۾ وزيراعظم  شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي. ٻڌڻي دوران حمزه شهباز جي وڪيل سندس ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته ڪالهه شهباز شريف اسلام آباد ۾ سرڪاري ميٽنگز ۾ مصروف هو، گذريل رات اسلام آباد کان لاهور اچڻ لاءِ تيار هو پر موسم جي خرابي تي کيس سفر کان روڪيو ويو. ايف آءِ اي وڪيل چيو ته کين شهباز شريف ۽ حمزه جي حاضري کان معافي تي ڪو اعتراض ناهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ضمانت منظور ٿيندي ئي جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته جوابدار ملڪ مقصود جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جوابدار جي موت جي تصديق ٿي وئي آهي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي اشتهاري جوابدار سليمان شهباز جي ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪيو. پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي فرد جرم لاءِ طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.